اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 3 هزار 306 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 40 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 37 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 45 هزار 999 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 159، پنجاب ۾ 18 هزار 766، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 534، اسلام آباد ۾ 8 هزار 16، بلوچستان ۾ 709، گلگت بلتستان ۾ 320، آزاد ڪشمير ۾ 495 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 34 هزار 392 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل 1 هزار 767 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 284 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 43 هزار 963 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 86 هزار 198 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 403، بلوچستان ۾ 16 هزار 942، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 583، اسلام آباد ۾ 28 هزار 555، خيبرپختونخواهه ۾ 45 هزار 828، پنجاب ۾ 1 لک 16 هزار 506 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 67 هزار 381 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 7 هزار 843 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 866 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 2 هزار 923 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 344 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 297 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 165 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 96 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 152 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 53 لک 43 هزار 702 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 613 اسپتالن ۾ 2 هزار 485 مريض علاج هيٺ آهن ٻئي طرف 30 نومبر تي ملتان ۾ مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو جلسو ٿيندو يا نه؟ جڏهن ته ضلعي انتظاميا جلسي لاءِ پ پ پ پاران ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته 31 جنوري 2021ع تائين هر قسم جي سماجي تقريبن تي پابندي لاڳو آهي، ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي اڳ ۾ ئي 8 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون آهي، 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
151