اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ افرادي قوت جي ترقي واري خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ورڪرز ويلفيئر فنڊ تحت 1500 گهرن جي تعمير جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. منصوبو معياري ۽ سستي رهائش سان گڏوگڏ بنيادي سهولت فراهم ڪندو ۽ ان جو افتتاح ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيندو. وزيراعظم منصوبي کي موجوده حڪومت جي عوام جي لاءِ سستي رهائش جي عزم جي عملي شڪل قرار ڏيندي ساراهيو.
275