186

پاڪستان جو عوام ڪورونا جهڙي مشڪل وقت ۾ چين طرفان ڪيل سهڪار تي بيحد ٿورائتو آهي: اعجاز شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه سان چين جي سفير لونگ رونگ گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيني سفير کي پاڪستان ۾ ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻه جسم ۽ هڪ جان آهن. هن چيو ته سي پيڪ تي پراجيڪٽس جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن. سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. سي پيڪ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو معاشي طور تي ڪافي هاڪاري اثر آهن. هن چيو ته گهرو وزارت ايف سي ۽ فرنٽيئر ڪور کي سموريون ضروري سهولتون ۽ مين پاور فراهم ڪيو آهي. انهن قدمن جو مقصد گوادر ۽ پسگردائي ۾ سيڪيورٽي ۽ جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ڪورونا جهڙي مشڪل وقت ۾ چين طرفان ڪيل سهڪار تي بيحد ٿورائتو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني سفير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار هميشه هاڪاري طور نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ورڪرز ويزا ۽ لاڳاپيل معاملن جي سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار تي اسين توهان جا ٿورائتا آهيون. چيني سفير سي پيڪ ۽ ٻين معاملن ۾ سيڪيورٽي جي تسلي جوڳن انتظامن تي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه جو ٿورو مڃيو. ڪورونا بابت ڳالهائيندي چيني سفير چيو ته ويڪسين لاءِ ڪم جاري آهي. اميد ڪيون ٿا ته نئين سال سان گڏ ڪا سٺي خبر ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو