256

ڄامشورو: سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ ۾ خودڪشين جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار، تجويزون پيش

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ خودڪشي جا وڌندڙ واقعا، سماجي رويا، ڪارڻ ۽ حل جي موضوع  تي ويهڪ ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄاڻ ڌرين سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي خودڪشين جو ڪارڻ حڪومتي پاليسين ۽ قانوني تي عمل  نه ٿيڻ کي قرار ڏنو آهي ۽ خودڪشين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن. ڄامشورو ۾ ايرڊ زون ڊولپمينٽ سوسائٽي ڄامشورو پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن  ۽  اسٽوڊنٽس ايڪانامڪس ريسرچ سوسائٽي جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس ڪلب ۾ ڪرايل ويهڪ ۾ ناليواري ليکڪ منظور ٿهيم، پروفيسر آدم ٻٽ، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، سورهيه صداقت سمون، لطيف گاد، زاهد مرتضي ڌاريجو، يوسف جويو، جنيد گاڏهي، امتياز عباسي،  اين بي کوسو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته  سنڌ ۾روزانو خودڪشين جا ڪيترائي واقعا ٿي رهيا آهن جنهن ۾ اڪثريت عورتن،  اسڪولي شاگردن ۽  هارين جي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جنهن تي غور فڪر ڪرڻ وقت جي اهم ضروت آهي، مقررن  سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين جو ڪارڻ خراب حڪمراني سبب ۽ مهانگائي، روزگار جي وسيلن جي کوٽ، غربت ۾ واڌ، انساني بنيادي سهولتن جي اڻ هوند، غير تصديق ٿيل وياج خور ڪمپنيون آهن،  مقررن مطالبو ڪيو ته هر ماڻهو کي روزگار جي وسيلن جي تائين رسائي ڪرائي وڃي، غريب جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي مالي مدد ڪئي وڃي، لاڙ سنڌ ۾ ٻيهر بحالي وارا سسينٽر کولي نوجوانن جي ذهني نشونماڪئي وڃي، غريب شاگردن ۽ انهن جي وارثن جي مالي سهائتا ڪئي ته جيئن اهي سرڪاري معاوضو  ملڻ سان والدين جي رحم ۽ ڪرم نه  هجن، اقليتي برادري ۾ ظلم ۽ جبر  جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺي کين يرغمال بڻائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.نصاب ۾  پرائمري کان انٽر تائين ذهني اوسر لاءِ مضمون شامل ڪيا وڃن،  مذهبي تعليم ۾ انسانيت جي پرچار ڪئي وڃي،  خودڪشين جي روڪٿام لاءِ جوڙيل قانون تي عمل ڪرايو وڃي. وياج جي قرضن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي مالي مدد ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو