276

ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 54 ڄڻن جي حياتي کسي ورتي، 3113 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 54 ڄڻن جي حياتي کسي ورتي آهي، جڏهن ته 3113 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ ڏيندڙ ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 43214 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 3113 ماڻهن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي، جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 54 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سرڪاري پورٽل ماطبق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت اچڻ واري شرح 7.2 آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو