292

آذر بائيجان جي سفير جي آصف غفور کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي دلچسپ نموني سان مبارڪباد

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جي سفير علي علي زاده اڳوڻي ڊي جي آئي ايس پي ميجر جنرل آصف غفور کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي جي دلچسپ انداز ۾ مبارڪباد پيش ڪئي  آهي، آذربائيجان جي سفير علي علي زاده  ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو ري ٽوئيٽ ڪيو آهي جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور پنهنجي ساٿين فوجي جوانن سان ملاقات جي موقعي تي روايتي رقص ڪري رهيو آهي علي علي زاده ان جي طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ مشهور سرائيڪي گانو به لڳايو آهي، ان موقعي تي آذربائيجان جي سفير علي علي زاده آصف غفور کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي جي مبارڪبادي ڏيڻ سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي 6 ميجر جنرلن کي اڳئين رينڪ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو