264

ڄامشورو پوليس جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار، شراب جون 75 بوتلون هٿ، ڪيس داخل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ شراب جون بوتلون هٿ ڪري ورتيون آهن. ڄامشورو پوليس ايس ايڇ او محمد آدم ابڙو جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي ٻن ڀائرن فريد احمد ۽ سعيد احمد خاصخيلي، مختيار احمد جوڻيجو ۽ اختر علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن وٽان پوليس شراب جي مختلف قسم جي برانڊ جون 75 بوتلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾  ايس ايڇ او ڄامشورو محمد آدم ابڙو جو چوڻ هو ته ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کيتران جي حڪم تي ڄامشورو ٿاڻي جي حد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروايون ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن وٽان وڏي مقدار ۾ شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون آهن، گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو