320

جوبائيڊن جي ڪاميابي جي تصديق ٿي وڃي ته پوءِ وائيٽ هائوس خالي ڪندس: ٽرمپ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي جي تصديق  ٿي وڃي ته پوءِ وائيٽ هائوس خالي ڪندس. ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ پنهنجي شڪست مڃڻ وارو رستو ڳولهي ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته اليڪٽرول ڪالج پاران جوبائيڊن جي ڪاميابي جي تصديق ٿي وڃي ته پوءِ صدارتي محل ڇڏي ڏيندس، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اها وڏي غلطي هوندي. هن ٻيهر الزام مڙهيندي چيو ته چونڊ ٺڳي هئي ۽ آئون پنهنجي قانوني ڪارروائي جاري رکندس ۽ هار مڃڻ سولو ڪم نه هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو