246

ٺل پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري کي بازياب ڪرائي ورتو، 2 ڄڻا گرفتار

ٺل(ن سوڀ)ٺل ڀرسان ڳوٺ ڪاظم خان مان 2 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري لطيفان بروهي کي ٺل اي سيڪشن پوليس بازياب ڪرائي ورتو  آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدرا علي حسن مرهٽو ۽ سکيو کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. ٺل پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۽ ناري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ ڪارروائي عدالتي حڪم تي ڪئي ويندي. پوليس موجب ٺل ڀرسان ڪارروائي ڪندي ناري ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، ناري کي هٿ ڪرڻ بعد پوليس ناري جي وارثن کي اطلاع ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو