306

اُم رباب خاندان قتل ڪيس جي ٻڌڻي، هڪ جوابدار جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش، ڇا سنڌ پوليس ٻن جوابدارن کي به گرفتار نه ٿي ڪري سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دادو ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ ٽي سال اڳ  اُم رباب جي  خاندان جي ٽن ڀاتين جي قتل  ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ پوليس  واقعي جي ٻين جوابدارن مان هڪ جوابدار  ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪئي، ٻڌڻي دوران اُم رباب چانڊيو عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريون آهي ۽ هڪ ملزم کي ڊيل تحت پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سهولتڪارن خلاف پوليس ڪارروائي ناهي ڪئي، هن عدالت کي ٻڌايو ته عدالت ويندي آهيان ته منهنجي رستا روڪ ڪئي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ روپوش جوابدار مرتضيٰ کي به ڪرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ٻئي طرف ٽن ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار کي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي عدالت سڳوري ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو