267

آن لائن تعليم لاءِ سھولتون ڪير ڏياريندو..؟؟ ؟

ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو

پوري ملڪ اندر ڪورونا جي ٻي لھر سبب وفاقي حڪومت طرفان ھڪ مھيني لاءِ تعليمي ادارا بند ڪري آن لائن ڪلاسز ھلائي شاگردن جي تعليم جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مون سميت سڀني کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته ھي دور ترقي وارو دور آهي، ھن دور ۾ انٽرنيٽ ترقي ڪئي آهي يا ھر دور کان ھي سجاڳ دور آهي، ھن دور ۾ ڪورونا جھڙي وبا ۾ به تعليم جي معاملن کي حل ڪري سگهجي ٿو يا حل ڪرڻ سکيو آهي، انٽرنيٽ ذريعي آنلائن ڪلاسز يوٽيوب وغيره وسيلي ھلائي سگھجن ٿا، ھا بلڪل مڃون ٿا تـه استاد صاحبان پنھنجا پنھنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن ٿا ۽ ڪجهھ استاد انٽرنيٽ ذريعي پنھنجا فرض سرانجام ڏئي رھيا آهن، پر اھڙي جديد ترقي واري دور ۾ انهن غريب ٻارن جو ڇا ٿيندو؟؟ جن جي گھر ۾ اٽي جي لپ به  ناھي ڇا اھي ان سسٽم مان فائدو حاصل ڪري سگهندا؟ ھا شايد انهن جي ڪنهن ساٿي وٽ موبائل وغيره ھجي ۽ ان جي مدد سان گڏجي اسٽڊي سرڪل ٺاهي ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٿي تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر  انٽرنيٽ ذريعي انهن سڀني شين کان اڳ ۾ وڏو مسئلو انٽرنيٽ سروس جو آهي ۽ سروس واري مسـئلي کي آنلائن ڪلاسز کان اڳ ۾ حل ڪيو وڃي، آنلائن ڪلاسز وارو سسٽم ته بهتر آهي پر ان کي ھلائڻ کان اڳ ۾ ان جي ھلڻ جي وسيلي کي غور ھيٺ آندو وڃي ته جيئن شھرن جي ٻارن سان گڏ ٻھراڙي جي علائقن جا ٻار به سھولت مان برابر جو فائدو حاصل ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو