ليکڪ: رخسار فتح بهراڻي
اسان جي سنڌ جي ٻهراڙي جي عورت هر دور ۾ ڀوڳيو آهي، ان جي مقابلي ۾ هن تيز ترين ترقي واري دور ۾ دنيا ۾ عورتن جو ڳچ حصو پنهنجي صلاحيتن، فهم ۽ فضليت سان، خلا، سائنس، ادب، سياست ۽ راندين ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چڪيون آهن، انهن عالمگيريت واري سوچ اپنائي ته اڄ دنيا ۾ سرخرو آهن. انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ هزارن سالن عرصي ۾ تبديليون آيون، منجهن نيون سوچون تصور ۽ لاڙا پيدا ٿيا، نتيجي ۾ اڄ اسان جون ۽ ڌرتي جون زندگيون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي طئه ڪري رهي آهي، ان جي برعڪس اڄ اتي سنڌ خصوصي طور ٻهراڙي جي عورت کي عقل جي استعمال ۽ سچ کان پري بيهاريو ويو آهي، اسان جا پنهنجا جيڪي شعوري يا لاشعوري طور تي عورت کي تعليم کان پري رکيو. سنڌ جا اهي ڀوتار پنهنجي ذات ۽ انا جي تسڪين لاءِ ٻهراڙي جي عورت کي برباديون سهڻ لاءِ تقدير اڳيان بيوس بڻائي ڇڏيو آهي، پنهنجن جي اوپرن ڪردارن جي ڪري اسان جي عورت جو ذهني استعمال ڪيو پيو وڃي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ جي نياڻين تي هر ايندڙ ڏينهن، ڏاڍ، ظلم، پابنديون ان جي ردعمل ۾ جڏهن هنن جو باغي ٿيڻ اڻٽر بڻجي ويندو ۽ ڪٿي هنن لاءِ اها بغاوت فرض نه بڻجي وڃي اردو جي ڪنهن افسانه نگار جا هي لفظ ته: ”جب رشتي آنسو صاف ڪرني ڪي بجائي، آنسو ديني لگ جائين، تو سمجهه لينا اس رشتي ني عمر پوري ڪرلي“ هي پراڻا اخلاقي قدر، غيرت جا تصور، سڱ چٽي، انا پرستي عورتن جي تعليم کي بيغيرتائي سان نسبت ڏيڻ، زوري مذهب مٽائڻ پر سڀ کان وڌيڪ تقدير جي لکئي کي وچ ۾ آڻڻ سان محسوس ائين پيو ٿئي اسان جي رت جي رشتن وارا پر اوپرا ڪردار. انگلستان جي ناولسٽ (ٿومس هارڊي) جي لکيل ناول ”ٽيس آف ڊبروائل“ جي فلسفي جي تقليد ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن ۾ انسان تقدير جي اڳيان بيوس ڏيکاريل آهي، سندس هڪ ڪردار ٽيس جهالتن کان مجبور ٿي ٻن مردن جي انا جو شڪار ٿئي ٿي، هڪ ساڻس شادي ڪري هميشه لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ٻيو وري سندس عزت سان کيڏي ٿو، آخر ۾ هيءَ عورت هڪ نه ڪيل گناهه جي ڪري ڦاهي چڙهي وڃي ٿي ۽ اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو، انصاف ٿي ويو. اسان جي سٻاجهڙي سنڌ جي اٻوجهه نياڻين سان به ائين ئي انصاف ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ تقدير جي لکئي کي وچ ۾ آڻي تاريخ جا ڀيانڪ ظلم ٿيندا رهيا آهن.ڇوڪري نه پڙهي، تقدير ئي ائين لکيل هئس، ڪاري ڪري ماري وئي، تقدير ئي ائين هئس، زوري شادي ڪرائي وئي، مٿان کان ئي ائين لکيل هو، ڀٽو کي ماريو ويو، قدرت طرفان ائين لکيل هو. اگر تقدير کي ان ڪسوٽي تي بيهارجي ته پوءِ ضياءُ الحق، يزيد ۽ پنهنجن جي روپ ۾ پراوا بري الزمان ٿي وڃن ٿا جتي جا والدين، مڙس، ڀاءُ، مائٽ ۽ حڪمران پنهنجي ناسمجهي کي تقدير جو روش ڏين ته پوءِ ڪنهن در ڏجي دانهڙي. اسان جي ڏاهي چاچا حسين ڪپري جي تازي ڪاوش ۾ آيل آرٽيڪل ۾ اسان جي روايتي شاعري جي سورمين جي ڀوڳنائن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”مارئي کوهه تان زوري کڄي ٿي، سسئي راهن ۾ رلي وڃي ٿي، سهڻي درياهه ۾ ٻڏي ٿي، مومل باهه ۾ سڙي ٿي ته اتي تقدير جو ڪردار ها ۽ نه جي وچ ۾ اٽڪيل رهي ٿو“. اسان جي بيوس نياڻين جي ڪرتن ڌرتن وٽ سچ جون پنهنجون پنهنجون ڪسوٽيون آهن، غيرت جا پنهنجا تصور آهن، هڪ طرف عقل کان ڪوهين ڏور بيٺل اسان جا معاشي طور تي سگهارا اهي ڀوتار ته ٻئي طرف عقل جو استعمال ڪندي پنهنجي محنتن جي انهن ڏياٽين کي جهالت جي پلئه سان وسائڻ واريون سڀ ڪوششون ناڪام بڻايون، انهن جي انهيءَ عقل سائنس جي مقام کي مٿانهون ڪيو ته اتي عورت کي آزادي نصيب ٿي پراڻن اخلاقي قدرن جي جاءِ نون قدرن والاري، هن عقل اسان کي سڪون مهيا ڪيو، ٻئي طرف اهي تاريخي ڪردار جن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪيو هو، ڇا هئا ۽ ڇا ڪري ويا.بينظير ڀٽو: فرد ڪب ٿي، وعهد ٿي، اور ايڪ عهد کو قتل ڪيا گيا. عاصمه جهانگير: هيومن رائيٽس جو هڪ سگهارو ڪردار، اصولن تي پنهنجن سان به اٽڪي پوندي هئي. نورالهديٰ شاهه ”ڪربلا ۽ جلاوطن جهڙا ناول لکي معاشري کي ڌونڌاڙي ڇڏيو“ قرت العين حيدر: ”آگ ڪا دريا“ لکي دنيا ۽ ادب ۾ ڏنڊا ڏئي ڇڏيا، مڌر ٽريسا: انسانيت جو علمبردار ”ماڻهوءَ ته مون لکين ڏٺا پر انسان تمام گهٽ ڏٺا“.