296

حددخلين خلاف آپريشن ۽ متبادل رهائشن جو سوال..؟؟

ليکڪ: پيار علي چانڊيو

سنڌ ۾ وڏي عرصي کان وقت بوقت حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي سلسلي ۾ ڪارروايون هلنديون آهن ۽ اهڙين انتظامي ڪارروائين کان ڪو به شهر آجو نه آهي، تازو عدالتي حڪم تي لاڙڪاڻي ۽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ اهڙو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو اهڙين ڪاررواين لاءِ وڌيڪ نشاني تي رکيو ويو آهي، جتي هر چار يا پنج مهينن کانپوءِ غريبن جا اجها پٽ ٿيندا رهندا آهن ۽ پوءِ متاثرن جون دانهون هونديون آهن.ضلعي حڪومت ۽ مختلف کاتن جي سرڪاري پلاٽن تي حددخلين جو جواز ڄاڻائي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، ڪڏهن ناجائز اڏاوتن، ڪڏهن حددخلين ۽ ڪڏهن سرڪاري ملڪيتن تي قبضي جو بهانو بڻائي رهائشي جايون پٽ ڪيون وينديون رهيون آهن.سڀ کان پهريان شهر جي ريلوي پلاٽن تي ٿيل اڏاوتن کي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سالن کان رهندڙ ماڻهن کي زوري اٿاري سندن ٺاهيل اجها ڊاٺا ويا. ان وچ ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سرڪاري عملي سان مزاحمت پڻ ڪئي پر سندن ڪنهن به داد فرياد نه ٻڌو ۽ متاثر معصوم ٻچن سميت بنا اجهي جي ڦٽپاٿن تي عزتون وٺي ويٺل رهيا ۽ پنهنجي اکين اڳيان پنهنجا گهر ڊهندي بيوسي مان ڏسندا رهيا. اهڙي ڪارروائي ڪري متاثرن سميت سڄو شهر سراپا احتجاج ٿيو پر فرق ڪنهن تي به نه پيو، ان قصي کي اڃا لاڙڪاڻي واسين مس دل تان لاٿو هو ته وري وچ شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۽ گهاڙ واهه تي اڏيل ڪروڙين رپين جون اڏاوتون غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهڻ جو اعلان ڪري مشينري گهرائي وئي ۽ آپريشن شروع ڪيو ويو ته مجبور بڻيل شهري ٻيهر روڊن تي نڪري آيا ۽ سخت مزاحمت ڪئي. ڇو ته عوام وٽ اجها بچائڻ لاءِ مزاحمت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچيو هو.تازو رائيس ڪئنال ۽ گهاڙ واهه جي ڪپر تي موجود گهر ڊاهڻ لاءِ هيوي مشينري سان گڏ پوليس به آندي وئي ۽ اجها ڊاهڻ شروع ڪيا ويا، جنهن تي شهرين جو اهو موقف سامهون آيو ته اسان جا گهر روڊ کان گهڻا پري آهن خبر ناهي ته ڇو اسان کي بي گهر ڪيو پيو وڃي. رهواسين چيو ته غريب ماني جا 2 ويلا کائڻ لاءِ پريشان آهيون پر سرڪار اسان جي هڪ به نٿي ٻڌي.آئون سمجهان ٿو ته عدالت جو حڪم اکين تي آهي، پر جيڪڏهن ڪو غيرقانوني قبضو ٿيو به آهي ته ان ۾ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ عملدار ۽ حڪومت جي غير ذميواري ۽ برابري شامل آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڄاڻايل حدون ۽ علائقا کاتن ۽ سرڪاري ملڪيتن ۾ اچن ٿا ته پوءِ اتي ٺهندڙ پهريون گهر، پهريون دڪان يا پهرين اڏاوت کي روڪيو ڇو نه ويو؟ ۽ ڪنهن اهڙي اجازت ڏني ته اتي اچي آباد ٿيو؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو غفلت، غلطي يا اتفاق سان آباد ٿيو به هو ته ان وقت اهي کاتا، عملدار ۽ سرڪارون ڪيڏي ويون هيون، جيڪڏهن ان پهرئين قبضي کي زبردستي ڊاٺو وڃي ها ته ٻئي ڪنهن جي جرئت به نه ٿئي ها ته هو اهڙي علائقي ۾ اچي آباد ٿئي. سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته غيرقانوني اڏاوتن وارن علائقن ۾ سرڪار طرفان ڪا به بنيادي سهولت نه ڏني ويندي آهي، پر هتي ڳالهه ابتي آهي، جن علائقن کي غيرقانوني اڏاوتون قرار ڏنو ويو آهي، انهن علائقن ۾ زندگي جون سڀ بنيادي سهولتون موجود آهن، مثال طور بجلي، گئس، روڊ، اسڪول، ڊسپينسريون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن، جيڪڏهن اهي علائقا غيرقانوني هئا ته پوءِ اهي سڀ سهولتون عوام کي ڇو ڏنيون ويون؟انهن علائقن مان اوڳاڙيون ڇو ڪيون ويون؟ ڇا سرڪاري ادارا بي خبر هئا جو هنن اتي اکيون ٻوٽي سڀ سهولتون ڏنيون؟ هن وقت سياري جي انتهائي سخت لهر جاري آهي ۽ اهڙي موسم جنهن ۾ ماڻهو گهر جي چوديواري اندر پاڻ کي بند ۽ گرم رکي سخت ۽ ٿڌي موسم جو مقابلو ڪندو آهي اتي اوهان ماڻهن جا گهر ڊاهي کين معصوم ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ ويهاري ڪهڙي انساني همدردي ۽ جمهوريت جو ڀاشڻ ڏيو ٿا. اوهان جي اهڙي ڪارروائي جي ڪري شهري کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن يا دربدر آهن، ڇو ته سندن سياري کان بچاءَ جا مورچا بڻيل اهي ڪچا ۽ ننڍا گهر اوهان ڊاهي ڇڏيا آهن.غور سان جائزو وٺون ته لاڙڪاڻي ۾ قبضن ۽ حددخلين جو رجحان نئون نه آهي، اتي ٻن قسمن جا معاملا ٿيندا رهيا آهن، هڪڙا قبضا انهن بااثرن پاران ڪيا ويا آهن، جن کي سرڪاري يا حڪومتي ماڻهن جي سرپرستي آهي ۽ اهي پاڻ حڪومت ۾ رهيا آهن، ٻيا اهي آهن جن ۾ مسڪين ماڻهو شامل آهن، جن کي به ويهارڻ ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح مختلف کاتن جا آفيسر، سرڪار جي سرپرستي وارا بااثر ماڻهو ۽ انتظاميا ملوث آهي، ڇو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آبپاشي سميت مختلف کاتن جي زمينن تي ماڻهو بنا اجازت جي اچي گهر، بنگلا، هوٽلون، دڪان، واڙا، فارم ۽ ٻيون اڏاوتون ڪن، رڳو ايترو ئي نه آهي پر انهن مان کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ پلاٽن جون رجسٽريون به آهن، جيڪي ميونسپل سميت ٻين سرڪاري کاتن سميت بااثر قبضا گروپن طرفان ڏنل آهن، جيڪڏهن ميونسپل وارا دڪانن جون مسواڙون وٺن ته جائز، پاڻ دڪان ٺهرائين ته جائز، غريب ماڻهو بااثرن کان پئسا ڀري پلاٽ وٺن ته جائز ۽ پوءِ وري اوچتو ناجائز ٿي ويا. اهو ته ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي ته هن ملڪ ۾ لٺ ۽ بار سدائين عوام جي مٿان هوندو آهي، بااثر اهڙن قبضن مان پلاٽ وڪڻي ڪمائي ويا،سرڪاري کاتا به پنهنجو پلاند آجو ڪرائي ويا پر خدا جي خلق وٽ الله جي نالي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، اهي ڪنهن جو سهارو وٺي پنهنجي جان ڇڏائين.سدائين غريب ئي آسان شڪار رهيو آهي، آئون اعليٰ عدالت کي گذارش ڪندس ته اهڙي سخت موسم ۾ ماڻهن کي بي گهر ۽ بيروزگار ڪرڻ واري حڪم تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ذميوار آفيسرن ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي ماڻهن طرفان ڏنل اهي پئسا واپس ڏياريا وڃن ته جيئن ماڻهو کي متبادل ملي سگهي يا ٻئي پاسي گهر ٺهرائڻ جي لاءِ ڪجهه رليف ملي سگهي.اعليٰ عدالت گهٽ ۾ گهٽ پهرين اهڙن مسڪينن جي متبادل رهائش جو بندوبست ڪرائي يا وري عزت سان کين عارضي هنڌن تي ئي ترسايو وڃي، ته جيئن اهي موسم جي سختين کان بچي سگهن ۽ تحفظ ۾ رهن. ان کانپوءِ اوهان ڀلي انهن جا گهر ڊاهي ڇڏيو پر هن معاملي ۾ هڪ عدالتي ڪميشن به جڙڻ گهرجي جيڪا انهن قبضن جي ذميوار ماڻهن جو تعين ڪري ۽ انهن کي به سزا ڏئي ته جيئن اڳتي لاءِ اهڙن قبضن کي بند ڪري سگهجي ٻي صورت ۾ نه سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ختم ٿيندا ۽ نه ئي وري غريبن جا اهڙا سور لهي سگهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو