ليکڪ: علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جو اتحاد ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ“ هاڻي سڌي ريت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن. حڪومت پنهنجي حڪمراني جي پنجن سالن وارو مدو پورو ڪرڻ لاءِ پريشان آهي ته مخالف ڌر جو اتحاد، هاڻي حڪومت کي جلد کان جلد گهر موڪلڻ لاءِ بيقرار آهي. ملڪ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي جلسن ۽ مظاهرن جي وڌندڙ مقبوليت، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ وزير اعظم عمران خان جي حڪومت جي بنيادي صوبي خيبر پختونخواهه جي مرڪز پشاور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي تي بندشون لڳائڻ باوجود مخالف ڌر جي جماعتن جي هزارين ماڻهن جي سمورين سرڪاري رڪاوٽن کي ٿڏيندي شريڪ ٿيڻ واري عمل سان يقينن، وفاقي حڪومت ۽ خيبر پختونخواهه جي صوبائي حڪومت جي بنيادن کي چڱا خاصا لوڏا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. هاڻي 30 نومبر 2020ع تي ملتان جي سڀ کان وڏي ميدان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي وڏي ملاکڙي ۽ عوامي طاقت جي مظاهري جو ميدان سينگارجي رهيو آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي وچ ۾ هاڻي سندن سياسي نظريئي ۽ بيانئي ۾ جيڪا نئين تبديلي اڀري سامهون آئي آهي ان موجب، ملڪ ۾ هاڻي هر صورت ۾ ڪورونا وبا جي ٻن قوتن جو ذڪر عام آهي. هڪ پاسي مخالف ڌر طرفان حڪومت کي ڪورونا ۲۰۱۸ قرارڏنو پيو وڃي، جنهن ملڪ جا چونڊنتيجا چوري ڪري ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي ۽ ٻيو اهو ته جيئن آمريڪا ۾ ڪورونا وبا وگهي اڍائي لک ماڻهن جي مري وڃڻ ۽ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي بيمار ٿيڻ جي باوجود ان بدنظمي ۽ هاڃيڪارين جي ذميوار قرار ڏنل ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت کي عوام وڏي تعداد ۾ روڊن تي اچي صدارتي چوندن ۾ شڪست ڏيئي پنهنجي جمهوري صدر جوبائيڊن کي چونڊي مثالي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙي ريت، هاڻي آمريڪا جي عوام جي جدوجهد وارو طريقيڪار پاڪستان جي سياست ۾ پڻ مثال بنجي اڀري رهيو آهي. جنهن ۾ آمريڪا جي ٽرمپ وانگر هاڻي پاڪستان جي ٽرمپ کي پڻ شڪست ڏيڻ جا اعلان ٿي رهيا آهن.هوڏانهن، پارليامينٽ وارو قومي پليٽ فارم پڻ حڪومت سان ٽڪراءَ ۽ پارلياماني جماعتن طرفان حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ واري مرڪز ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جنهن کان جان ڇڏائڻ لاءِ حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جا اجلاس ڪورونا جو بهانو ڄاڻائيندي بند ڪيا ويا آهن پر پي ڊي ايم جي ملڪ ۾ ٿيندڙ سمورن جلسن تي پڻ پابنديون لڳائڻ جا حڪم ناما ۽ اعلان جاري ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ حڪومتي اتحاد ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي ڪوٺايل گڏيل اجلاس جو مخالف ڌر جي سمورين پارلياماني جماعتن طرفان اسپيڪر تي بي اعتمادي جواظهار ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جڏهن ته حڪومت جي وزيرن ۽ ترجمانن طرفان جواب ۾ ملڪ جي سمورن مسئلن جو مخالف ڌر جي جماعتن کي ذميوار قرار ڏيئي هڪ ڀيرو وري پنهنجا پلاند آجا قرار ڏنا آهن. اها تمام افسوسناڪ ۽ ڳڻتي واري صورتحال آهي. مخالف ڌر جي پارلياماني جماعتن تي الزام لڳائڻ يقينن نامناسب ڳالهه آهي. هڪ ڌر جي حڪومت ۾ هجڻ جي اها قطعي معنيٰ نه آهي ته هو ئي درست ۽ ملڪ جي سموري اڇي ۽ ڪاري جي واحد مالڪ آهي ۽ حڪومت سان شامل نه ٿيندڙ ڌريون يا حڪومت جي ڪمن ۽ ڪارڪردگي تي اعتراض ڪندڙ ڌريون ملڪ جون مخالف آهن.تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال آهي ته، وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسن کي ڪورونا جي ٻي لهر ۾ تيزيءَ جو ذميوار قرار ڏنو ويوآهي ۽ ان کان سواءِ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پي ڊي ايم مٿان ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وڌڻ جو ڪارڻ اپوزيشن جا جلسا آهن،جنهن خلاف حڪومت سخت قدم کڻندي وغيرهه. ان ڏس ۾ اها پڻ دلچسپ ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن جي ٿيندڙ لڳاتار جلسن ۽ عوامي اجتماعن تي خاموشي اختيار ڪري انهن مٿان ڍڪ رکيو ويو آهي. يقينن، حڪومت طرفان اهڙي قسم جي رويي تي ملڪ ۾ اتحاد ۽ اتفاق واري فضا پيدا ٿيڻ تمام مشڪل آهي اهڙي صورتحال ۾ پنجاب ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت طرفان ڪارروائيون جاري ڪندي وڏي تعداد ۾ گرفتارين جو سلسو شروع ڪيو ويو آهي ۽ گذريل رات،پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي وڏي فرزند ۽ اڳوڻي ايم اين اي موسيٰ رضا گيلاني ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن سان وقت کان اڳ ئي ملتان ۾ ملاکڙي جو ميدان هموار ٿي ويو آهي.عوامي مظاهرن ۽ جلسن سان مخالف ڌر جون جماعتون پنهنجي حمايت جو وڌندڙ گراف کڻي پيش نه به ڪري سگهيون هجن پر حڪومت جي وڌندڙ غيرمقبوليت انهن جلسن ۽ مظاهرن سان ضرور سامهون اچي رهي آهي، يقينن، حڪومت جي مخالف ڌر جي جماعتن خلاف پيش ٿيندڙ موقف ۾ ان ڪري به وزن نظر نه ٿو اچي ته، ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي پهرين لهر کي ناڪام بنائڻ ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت طرفان مثالي قدم کنيا ويا هئا. جو بلوچستان جي سرحدي علائقي تفتان ۾ ايران کان ايندڙ ملڪ جي زائرين کي سکر، روهڙي ۽ ڪراچي جي ڪورونٽائن سينٽرز ۾ رکڻ ۽ انهن جي اسڪريننگ ۽ علاج ڪري صحتياب ڪري پنهنجن صوبن ۽ گهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو ڪارنامو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت طرفان ڪيو ويو هو. جنهن تي وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت جي لڳ ڀڳ سمورن وزيرن طرفان سنڌ حڪومت کي اجايو خوف ڦهلائڻ ۽ دنيا جي عالمي ادارن ۾ ناليواري ٿيڻ جا طعنا ڏنا ويندا رهيا ۽ آخري وقت تائين عوام جي صحت جي معاملن تي وفاقي سرڪار ۽ صوبن ۾ سياست ٿيڻ وارا ظالماڻا ۽ غير ذميواراڻا الزام لڳايا ويندا رهيا.اهاحقيقت آهي ته، ملڪ ۾ ڪورونا کي مذاق قرار ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار طرفان لاڪ ڊائون جي مسلسل مخالفت ڪئي ويندي رهي پر پرڏيهه کان اسلام آباد پهچندڙ جهازن ذريعي ايندڙ مسافرن کي پڻ بنا ڪنهن ڪورونا چڪاس جي سندن گهرن ڏانهن وڃڻ ڏنو ويو. اهڙي ريت، پنجاب حڪومت طرفان پڻ ساڳي ريت عمل ڪيو ويندو رهيو. غالب امڪان آهن ته، اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومتن طرفان ڪيل اهي ڪوتاهيون وڌي هاڻي نئين وبا جي صورت ۾ سموري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيون آهن. جنهن کي پڻ سياسي راند لاءِ فٽبال طور استعمال ڪيو پيو وڃي. بيشڪ! وفاقي حڪومت طرفان مخالف ڌر جي جماعتن تي هاڃيڪار الزام لڳائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اها غير ذميواراڻي سياست ٿيندي جو حڪومت کانسواءِ باقي حڪومت کان ٻاهر ٻين ڌرين کي غير ذميوار ۽ ملڪ مخالف قرار ڏنو وڃي. ملڪ جي پارلياماني ۽ جمهوري سرشتي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جون جماعتون پنهنجي سياسي ۽ ملڪي ذميوارين ۾ آئيني طور تي برابر جون ذميوار آهن، ڇاڪاڻ جو اهي پڻ عوام جون ئي چونڊيل جماعتون آهن.انهن جو احترام ڪرڻ، عوام جي ووٽ جو برابر احترام ڪرڻ لازمي آهي. حڪومتي ۽ گروهي معاملا ڪيترا به اڻوڻندڙ هجن پر اهي ملڪ جي آئيني سرشتي تي حملا ڪرڻ جي قطعي طور تي اجازت نه ٿا ڏين. تنهنڪري ملڪ ۾ سمورين جماعتن کي گڏ وٺي هلڻ جي گهڻي ذميواري حڪومت وقت تي ئي لاڳوٿئي ٿي. ائين نه ٿئي جوملڪ جي حالتن کان تنگ ۽ بيزار ملڪ جو عوام پڻ آمريڪا جي عوام وانگر پنهنجي ملڪ جي ٽرمپ کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ ميدانن ۾ نڪري اچي !.