221

ڀارت پاران وڌايل جنگي جنون جو عالمي برادري نوٽيس وٺي..

ايڊيٽوريل

پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هندو انتهاپسند تنظيم جي وزيراعظم نريندر مودي جيئن ئي اقتدار سنڀاليو آهي تڏهن کان وٺي ڀارت جون پاڪستان خلاف ڪارروايون وڌي ويون آهن، خاص ڪري ايل او سي تي ڀارت مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ان جي حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀارت جون خطي ۾ وڌندڙ جارحاڻيون ڪارروايون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن، ان حوالي سان پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ڀارت رياستي دهشتگردي وڌائي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رهيو آهي، جنهن جا ثبوت پڻ موجود آهن، هو عالمي ميڊيا آڏو ان ڳالهه جو به اظهار ڪري چڪو آهي ته ڀارت مسلسل جنگبندي ٺاهه جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.جڏهن ته پاڪ فوج جو ترجمان به اهڙو اظهار ڪري چڪو آهي ته ڀارت پابندي مڙهيل تنظيمن جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ انهن جو هڪ ڪنسورشيم ٺاهي رهيو آهي، هو پاڪستان مخالف قوتن کي گڏ ڪري ڪاررواين لاءِ ڀڙڪائي پيو ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ تازي دهشتگرد ڪاررواين جي پويان ڀارت جو ئي هٿ آهي.

ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته  نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان ڳري قيمت ادا ڪئي آهي ۽ پاڪستان کي 126 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پهتو آهي، نه صرف ايترو پر پاڪستان تمام گهڻو جاني نقصان به برداشت ڪيو آهي ۽ ڊگهي وقت بعد عوام  ۽ پاڪ فوج سان گڏجي هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ امن ته حاصل ڪري ورتو آهي پر جيڪو معاشي نقصان ٿيو ان جو ازالو اڃا تائين به نه ٿي سگهيو آهي، ان باوجود ڀارت پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ وارين حرڪتن کان باز نٿو اچي ۽ افغانستان مان ڪرنل راجيش ذريعي پاڪستان ۽ ڀرپاسي ۾ ويڙهاڪن کي هٿيار ۽ تربيت ڏئي دهشتگردي لاءِ موڪليو پيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته ڀارت هاڻ خطي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، نه صرف پاڪستان پر چين سان به سرحدي تڪرار کي ڀارت جنگ جي جنون ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو نمونو لداخ تي دنيا ڏسي چڪي آهي، جيتوڻيڪ ان محاذ تي به ڀارت کي چين طرفان مسلسل شڪست ۽ شرمندگي ئي ملي رهي آهي ۽ اهڙين حالتن باوجود آمريڪا جهڙي ذميوار ملڪ جي اڳوڻي نااهل صدر ٽرمپ ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ٺاهه به ٿيو آهي، جنهن تحتآمريڪا ڀارت کي جيو اسپيشل انٽيليجنس يعني سيٽلائيٽ جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڳجهي جاگرافيائي معلومات ڏيندو، اهڙي طرح ان حساس سيٽلائيٽ ڄاڻ کانپوءِ ڀارت وٽ پاڪستان جي سمورن حساس هنڌن جي ڄاڻ اچي ويندي، ڀارت کي فراهم ٿيندڙ آمريڪي سيٽلائيٽ ڊيٽا جي ڄاڻ سان ڀارت کي جديد ميزائل ۽ هٿياربند ڊرون کي درست هنڌن کي نشانو بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جنهن جي ذريعي ڀارت پاڪستان جي ميزائل ٺڪاڻن کي به آساني سان نشانو بڻائي سگهي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته ڀارت جي مسلسل غير ذميواري وارين حرڪتن کانپوءِ ان قسم جو ٺاهه پاڪستان ۽ خطي سان دشمني جي برابر آهي، ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته هاڻ عالمي برادري ڀارت جي اهڙين ڪاررواين جو نوٽيس وٺي ۽ آمريڪا جو نئون صدر ڄاڻايل ٺاهه تي نظرثاني ڪري ان کي رد ڪري ڇو ته ان ٺاهه جي صورت ۾ خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو