261

ترڪي ۾ناڪام فوجي بغاوت ڪيس ۾ سوين پائليٽن کي عمر قيد جي سزا

انقرهه ( ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ناڪام فوجي بغاوت ڪيس ۾ سوين پائليٽن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، غير ملڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق  ترڪي جي عدالت 15 جولاءِ 2016ع  جي ناڪام فوجي بغاوت ڪيس ۾ ترڪ صدر ڀيب اردگان جي حڪومت جي خلاف منصوبابندي ڪرڻ جي الزام ۾ 337 اڳوڻن پائليٽن جي عمرقيد  جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي،  خابرو اداري جي رپورٽ مطابق 500 ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جن ملڪ جي گادي واري شهر انقرهه  ۾ ايئر بيس کان حڪومت خلاف بغاوت جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ فوجين کي ويڙهاڪ جهازن، هيلي ڪاپٽرن،  ٽينڪن سوڌو اهم رياستي ادارن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 250 ماڻهو مارجي ويا هئا. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس ۾ مجموعي طور تي 475 ماڻهو ٽرائيل تي هئا. جن مان 365 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا. جن مان 337 ماڻهن کي  عمرقيد جي سزا ڏني وئي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو