216

ٻٻرلوءَ ۾ سيد ۽ شيخ وڙهي پيا، گوليون لڳڻ سبب نوجوان قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءَ ٿاڻي جي حد ۾ معمولي ڳالهه تان شيخ ۽ سيد برادري وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ سرعام لٺين، سروٽن ۽ گولين جي استعمال سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان  ذيشان شيخ قتل ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو