اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 30 ڪروڙ ڊالرن جو قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ءِ0 ڪروڙ ڊالرن واري رقم سان پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪس کي پاڻڀرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ياد رهي ته هن کان اڳ به ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ قرض جون ڪيتريون ئي قسطون منظور ڪري چڪي آهي، ڪجهه مهينا پهريان به ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جو قرض جي منظوري ڏني هئي،جڏهن ته ان کان اڳ ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ50 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي چڪي آهي.
290