320

فيمينزم جو مطلب مردن سان مقابلو نه، عورت هجڻ تي فخر ڪرڻ آهي: ايمان علي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ۽ ماڊل ايمان علي چيو آهي ته فيمينزم جو مطلب مردن سان مقابلو نه پر پنهنجي عورت هجڻ تي فخر ڪرڻ آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ فيمينزم تي ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ان جو مطلب ڪجهه ٻيو ورتو ويندو آهي پر سندس نظر  ۾ فيمينزم مردن سان مقابلو نه ۽ نه ئي پاڻ کي مردن جي مقابلي ۾ بيهارڻ آهي، الله پاڪ اسان کي عورت بڻايو آهي ۽ اسان جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اڪثر عورتون اهو سمجهن ٿيون ته کاڌو پچائڻ ۽ گهر جو ڪم ڪرڻ سان کين اهميت گهٽجي ويندي پر ايئن ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو