299

عوام ۽ پي ڊي ايم اڳواڻن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ڪيس عمران خان خلاف داخل ڪرائينداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي خطري باوجود عوام حڪومت کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. ماڊل ٽائون پارٽي سيڪريٽريٽ ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته حڪمران نفرت جي باهه ۾ پچي رهيا آهن، جيڪڏهن حڪمرانن ان روش کي نه بدلايو ته سڀ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندا. ملتان جلسي بابت سندس چوڻ هو ته ملتان وارو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، جيڪڏهن قاسم باغ کي نه کوليو ويو ته پوءِ پوري ملتان ۾ جلسو ٿيندو. هن چيو ته عوام ۽ پي ڊي ايم اڳواڻن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ڪيس عمران خان خلاف داخل ڪرائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو