290

مريم نواز کي بهترين سهولتون ڏنيون هيون، هن وي آءِ پي جيل ڪاٽيو: فياض چوهاڻ

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي جيلن بابت صوبائي وزير فياض چوهاڻ مريم نواز جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مريم نواز کي بهترين سهولتون ڏنيون هيون، مريم نواز کي چوهن وارو ۽ پاروٿو کاڌو ٻن ورهين کان پوءِ ياد آيو آهي، هن وي آئي پي جيل ڪاٽيو، سندس الزام بي بنياد آهن، جيل مامرن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ خوشخبري ڏئي رهيا آهيون، اسان جيلن ۾ قيدين کي سٺي معيار جو کاڌو ۽ ناشتو ڏيڻ واري پاليسي آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته جيل ۾ قيدين کي 5 نمبرن تان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، 5 نمبر قيدين جا ۽ ڇهون نمبر منهنجو  آهي، قيدي سڌو سنئون شڪايتون پيش  ڪري سگهندا. ۽ انهن جي شڪايتن جو بروقت ازالو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو