319

لنڊن ۾ شميم اختر جي جنازي نماز ادا، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پيرول تي آزاد

لنڊن/لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. برطانيا ۾ سخت لاڪ ڊائون سبب بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ رڳو 30 ماڻهو شامل ٿيا. بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ نواز شريف، سليمان شهباز، عابد شير علي، ناصر جنجوعا، ڊاڪٽر اشرف چوهاڻ، ناصر بٽ ۽ ٻيا شامل هئا. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پيرول تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي مخالف ڌر اڳواڻن شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي منظوري ڏني هئي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جيل کان آزاد ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پنجن ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو