311

وزيراعظم عمران خان خالد خورشيد کي گلگت بلتستان لاءِ نئون وڏو وزير چونڊي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان خالد خورشيد کي گلگت بلتستان لاءِ نئون وڏو وزير چونڊي ورتو آهي. خالد خورشيد جي نالي جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڏني وئي. چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي تصديق ڪئي آهي ته گلگت بلستان جي وڏي وزير لاءِ خالد خورشيد جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان خالد خورشيد جو نالو گلگت بلتستان جي وڏي وزير لاءِ فائنل ڪيو، خالد خورشيد ضلعي استور مان گلگت بلتستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. خالد خورشيد 2018ع ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي، وزيراعليٰ جي اميدوار لاءِ خالد خورشيد ۽ فتح الله ۾ مقابلو هو، وزيراعظم مرڪزي ۽ گلگت بلتستان قيادت سان صلاح مشوري کانپوءِ خالد خورشيد جو نالو فائنل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو