281

ملڪي ترقي ۽ خوشحالي صنعتي شعبي ۽ ڪاروباري طبقي جي ترقي سان واڳيل آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي صنعتي شعبي ۽ ڪاروباري طبقي جي ترقي سان واڳيل آهي، فيصلا سازي جي عمل ۾ صنعتڪارن جي تجويزن کي شامل ڪرڻ جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، صنعتڪارن کي روانگي واپار جي حوالي سان مشڪلاتن کي جلد حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعتڪارن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ اعظم فاروق (چراٽ سيمينٽ)، بشير علي محمد (گل احمد)، محمد علي تانبه (لڪي سيمنٽ)، ثاقب شيرازي(هنڊا اٽلس)، فواد مختار (فاطمه فرٽيلائيزر)، عارف حبيب (عارف حبيب گروپ لميٽيڊ) ۽ حسين دائود (اينگرو ڪارپوريشن) شامل هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير محمد حماد اظهر، وزيراعظم جا صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ڊاڪٽر عشرت حسين کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وفد وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪاروباري سرگرمين کي ميسر حڪومتي سرپرستي جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ملڪي فارن ايڪسچينج ريزرو جو بلند ترين سطح تي هجڻ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام جي عڪاسي ڪري ٿو. هنن چيو ته حڪومتي معاشي ٽيم هر وقت انهن جي رهنمائي ۽ مسئلن جي حل لاءِ دستياب هوندي آهي. هنن وزيراعظم کي ٻڌايو ته حڪومتي ڪوششن سان پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري مان نڪري سرپلس ٿيڻ معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وفد وزيراعظم جي تعميراتي شعبي جي سرپرستي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هن وقت سيمنٽ جو وڪرو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا جي باوجود تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ۾ اضافي سان معيشت تي مثبت اثر پيا آهن ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا آهن. وفد حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. وزراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم صنعتن ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ آسانيون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي صنعتي شعبي ۽ ڪاروباري طبقي جي ترقي سان واڳيل آهي. هن چيو ته حڪومتي فيصلاسازي جي عمل ۾ صنعتڪارن جي تجويزن کي شامل ڪيو پيو وڃي جنهن جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن. وزيراعظم صنعتڪارن کي ايڪسپورٽس ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صنعتڪارن کان زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ ۽ مختلف فصلن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ڪرڻ جي لاءِ تجويزون گهريون r

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو