255

پنوعاقل لڳ ٻن ٻارڙن سميت ٽرين ھيٺان اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت اسپتال ۾ فوت

پنوعاقل (ن سوڀ) گذريل رات پير احمد سلطان وٽ ريلوي  پٽڙي تي عورت ٻن معصوم ابھم ٻارڙن سميت مال گاڏي ھيٺان اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ٽرين ڊرائيور پاران مسلسل ھارون ڏيڻ بعد عورت پٽڙي تان نه ھٽي ته ٽرين ڊرائيور بريڪ ھڻي ٽرين روڪي ورتي، ٽرين جي ٽڪر سبب عورت ٻارڙن سميت ڪري زخمي ٿي پئي، ٽنهي زخمين کي پني عاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي عورت جي سڃاڻپ گھوٽڪي واسڻ مسمات فوزيه دايو طور ٿي، جڏهن ته معصوم نياڻين ۾ فضا ۽ ثانيا شامل آهن. زخمي عورت کي ٻن معصوم ڌيئرن سميت طبي امداد ڏئي سکر سول اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا تاب نه سھندي عورت فوزيه دايو فوت ٿي وئي، جنھن جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو