233

17 هين چائنا آسيان ايڪسپو ۾صدر جي شرڪت:اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ ورثي کي محفوظ ڪرڻو پوندو:عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 17 هين چائنا آسيان ايڪسپو ۾ پاڪستان پاران 14 ڪاروباري ادارن جي شرڪت خوش آئنده آهي، چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين تمام گهڻي اعتماد سان ڪورونا وائرس تي ضابطو آندو، هن ايڪسپو جو انعقاد ثابت ڪري ٿو ته چين واپار جي شعبي ۾ دنيا کي قيادت فراهم ڪئي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطا قائم ٿيندا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن چين جي شهر ناننگ گوانگشي ۾ 17 هين چائنا آسيان ايڪسپو جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ايڪسپو ۾ پاڪستان پاران 14 ڪاروباري ادارن جي شرڪت خوش آئنده آهي. چيني صدر شي جنگ پنگ جي قيادت ۾ چين تمام گهڻي اعتماد سان ڪورونا وائرس تي ضابطو آندو. هن چيو ته هن ايڪسپو جو انعقاد ثابت ڪري ٿو ته چين واپار جي شعبي ۾ دنيا کي قيادت فراهم ڪئي آهي. چين جو اوڀر ايشيائي ملڪن سان تازو ڪيل سڀ کان وڏو واپاري معاهدو چين جي هڪ قابل اعتماد واپاري پارٽنر هجڻ جو ثبوت آهي. پاڪستان ۽ چين قابل اعتماد دوست آهن ۽ اها دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان اونچي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطو قائم ٿيندو. پاڪستان ۽ چين واپاري معاهدي جي ٻئي مرحلي تي صحيحون ڪيون آهن جيڪو جنوري 2020ع کان فعال آهي. اسان پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ آسيان ملڪن کي سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستان جي ميڪرو معاشي پاليسين ۾ زبردست تبديلي آئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسان پيدا ٿي آهي ۽ ڪورونا جي باوجود ڪاروبار ۾ بهتري آئي. اسان جي ڏورس معاشي ۽ واپاري سڌارن جي ڪري سٺا نتيجا نڪتا. پاڪستان کي چين ۽ آسيان ملڪن کي ٽيڪسٽائيل، کاڌي پيتي جون شيون، گوشت، ڀاڄيون وغيره برآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ جي لاءِ فٽ بال ٺاهي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آسيان ملڪن سان حصيداري ۽ تعاون ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ ورثي کي محفوظ ڪرڻو پوندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان مان مراد اسان جي موسيقي، ادب، شاعري ۽ هزارين سالن تي ٻڌل اسان جي تاريخ آهي. ان کان به وڌيڪ اهم اسان جو عوام جي ڀلائي جو جذبو ۽ اسان جا قدر آهن جيڪي اسان کي اسان جي بزرگن ۽ غريبن جو خيال رکڻ سيکارين ٿا. هي دل ۽ روح ئي خوبصورت پاڪستان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو