264

ڄامشوري مان 14 ورهين جي نينگري مبينا طور اغوا، پيءُ جي فرياد تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشوري مان 14 ورهين جي نينگري مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، جنهن جي اغوا جو ڪيس سندس  پيءُ جي فرياد تي 2 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. 6 ڏينهن اڳ غريب آباد واري علائقي ڀرسان آباد لاڏائو قبيلي جي  14 ورهين جي سجنا شيخ ڌيءَ روشن شيخ مبينا طور اغوا ٿي وئي هئي، جنهن جي اغوا جو ڪيس سندس پيءُ روشن شيخ جي فرياد تي ڄامشوري واسين امجد يوسف سنجراڻي ۽ نثار سنجراڻي مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءَ سجنا کي امجد يوسف سنجراڻي ۽ نثار سنجراڻي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن،  راڄوڻي ذريعي ڌيءَ واپس ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو پر ڌي واپس نه ڪئي وئي، شڪ آهي ته ڌيءَ کي زنا ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪيو ويو آهي، ڌيءَ کي بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو