ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو/سکر (نمائندن وٽان) وزيراعظم عمران جي هدايت تي وفاقي وزير اسد عمر پاران سنڌ جي پنج ضعلن ضعلو گهوٽڪي، سکر، جيڪب آباد لاڙڪاڻو جي دوعون تي نڪتل آهي، سڀ کان پهريان وفاقي ضعلي گهوٽڪي جي دوري دوران اوٻاوڙو ۾ پي ٽي آئي ايم پي اي شهريارخان شر جي رهشگاهه تي پهتو، جتي ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي هن هن پريس ڪانفرس ڪندي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي بند ڪمري ۾ سياست ٻي هوندي آهي ۽ ٻاهر ٻي هوندي آهي، سنڌ حڪومت سامنڊي ٻيٽ وفاق کي پاڻ لکت ۾ ڏنا آهن، سنڌ جي ٻيٽن تي گهر اڏڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي سياست ڪري رهي رهي آهي، سنڌ حڪومت سان ڳالهايون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جيئن ڪراچي جي عوام لاءِءِ ميگا ترقياتي ڪمن جي لاءِ پيڪيج ڏنو ويو هو، سنڌ جي پسماندا علائقن پنجن ضعلن کي ترقياتي پئڪيج ڏنو ويندو، جيئن خذدار ۽ تربت کي پئڪيج ڏنو ويو هو، ايئن جلد گهوٽڪي ضعلي کي پئڪيج ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضعلو گهوٽڪي منهنجو پنهنجو گهر آهي، پاڻ اينگرو ۾ ملازمت ڪئي آهي، ضعلو گهوٽڪي اهو واحد ضعلو آهي، جيڪو 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو پر بدقسمتي سان اهي ادارا هتا جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۾ هتان جي ماڻهن کي نظرانداز ڪن ٿيون، سنڌ صوبو پاڻ اٽو پيدا ڪري ٿو پر بدقسمتي سان هتي جي غريب ماڻهن کي مهانگائي جي چيڪي ۾ پسيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن کان آهي، جيڪا سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھ به نه ڏنو آهي. هن چيو ته هاڻي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست ختم ٿي رهي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر سان پي ٽي آئي فردوس شميم نقوي سميت ٻيا پارٽي اهم عهديدار گڏ هئا. هوڏانهن وفاقيءَ وزير اسد عمر ٽن ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو، اسد عمر وفاقي حڪومت طرفان نون ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. جڏهن ته اسد عمر لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ امير بخش ڀٽو، ايم پي اي معظم عباسي، سيف الله ابڙو، ميان محمد سومرو، ايم پي اي اسلم ابڙو، غوث بخش مهر، آغا تيمور سميت ڪيترن ئي اهم ۽ ٻين سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته 29 نومبر تي سکر ۾ سيد طاهر شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.
254