274

ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 45 ڄڻن جي حياتي کسي ورتي، 3045 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 45 ڄڻن جي حياتي کسي ورتي آهي، جڏهن ته 3045 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مجموعي طور تي ڪورونا جون 48 هزار 223 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 3 هزار 45 ماڻهن ۾ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو نڪتي، ملڪ ۾ هن وقت فعال ڪيسن جو انگ 46 هزار 861 آهي، جڏهن ته هن وقت تائين هن وبا سبب ملڪ ۾ 7 هزار 942 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو