ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڄامشورو ۾ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايس ڊي اي )نادرا سان لاڳاپيل ون ونڊو ڊيجيٽل سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ون ونڊو سينٽر جي قيام سان ايس ڊي اي جي الاٽيز کي هڪ ڇت هيٺان سموريون سهولتون ميسر اچي سگهنديون. هن چيو ته نادرا سان ڳنڍيل ون ونڊو سسٽم ذريعي پلاٽن جي ويريفڪيشن ۾ آساني ٿيندي ۽ سنڌ ۾ اها پهرين اٿارٽي آهي جنهن کي نادرا سان ڳنڍيو ويو آهي. هن چيو ته ان نظام وسيلي هاڻي الاٽيز جا پلاٽ محفوظ ٿي ويندا ۽ پلاٽن جي خريد ۽ وڪري وارو نظام پڻ شفاف طريقي سان ٿي سگهندو، جڏهن ته پلاٽن جي منتقلي، بائيو ميٽرڪ تصديق، ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ، ٿنڀ امپريشن ۽ فوتي ويريفيڪيشن کانسواءِ ممڪن نه ٿي سگهندي. صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات وڌيڪ ٻڌايو ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران نامنظور ڪيل غير قانون اسڪيمن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت عوامي شڪايتن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ايس ڊي اي ۾ جن ماڻهن سيڙپڪاري ڪئي آهي انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي۽ ان ڏس ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ڊي اي کي نادرا سان ڳنڍيو ويو آهي، هاڻي الاٽيز جون سموريون شڪايتون حل ٿي وينديون. هن چيو ته نادرا جي خدمتن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ساراهيو وڃي ٿو، پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ منتقلي ۾ درپيش رڪاروٽون هاڻي ختم ٿي ويون آهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته ايس ڊي اي ۾ تفريحي پارڪ تعمير ڪرڻ لاءِ 180 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي صورتحال جي نگراني ڪري بهتر ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. هن چيو ته سمورا مسئلا حل ڪري وڏي پيماني تي ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي ويندي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس سٿ تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
