245

پورهيتن بدران وزيراعظم کي هٽايو وڃي، پورهيتن جي نيڪالي کي انهن جو معاشي قتل سمجهون ٿا: بلاول ڀٽو

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  اسٽيل ملز مان هزارين پورهيتن کي نيڪالي ڏيڻ واري حڪومتي عمل جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پورهيتن بجاءِ وزيراعظم کي هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته پورهيتن جي نيڪالي کي انهن جو معاشي قتل سمجهون ٿا ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي ملازمن جو معاشي قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ٻئي طرف ملير ۾ اسٽيل ملز مان نيڪالي ڏنل هڪ پورهيت ليٽر ملندي ئي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو، پورهيت جي فوت ٿيڻ ۽  نيڪالي ڏيڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اسٽيل ملز جا هزارين پورهيت رستن تي نڪري آيا، ملير ۾ اسٽيل ملز جي سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ويو . احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ملازم اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسٽيل ملز جي ساڍا 4 هزار پورهيتن کي نيڪالي ڏيڻ سندن معاشي قتل ڪرڻ برابر آهي، ان ڪري پورهيتن جي نيڪالي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ رکي ويندي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو