198

نواز شريف امڙ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو؟ گهرو وزير اعجاز شاهه

ننڪاڻه صاحب (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه جو چوڻ آهي ته نواز شريف پنهنجي امڙ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو؟ ننڪاڻه صاحب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شامل ٿيندڙ سک ياترين کي سمورين سهولتون ڏينداسين، ڀارت پاران وڌيڪ سک ياترين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهي آهي پر جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي لڳي نه پيو ته ٻئي حڪومتون ويجهو اينديون. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف امڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا، نواز شريف پنهنجي امڙ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو؟ پر حڪومت نوا ز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن هو پنهنجي سزا پاڪستان ۾ ڪاٽي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو