عام طور تي ڪيترن کي جانورن خاص ڪري پالتو جانورن سان محبت هوندي آهي ته ڪي وري جانورن کان ڊڄندا يا انهن کان نفرت ڪندا آهن، ڪجهه ماڻهو شوق خاطر پنهنجي گهرن ۾ ڪجهه جانور پالي رکندا آهن پر اومان جي گادي واري شهر مسقط ۾ هڪ عورت اهڙي به آهي جيڪا پنهنجي گهر ۾ سوين ٻليون پالي رکيون آهن ۽ انهن جي نه رڳو کاڌ خوراڪ جو انتظام به ڪيو آهي پر انهن سان گڏ رهندي به آهي. جنهن جو نالو مريم البلوشي 480 ٻليون ۽ 12 ڪتن کي پنهنجي گهر ۾ پالي رکيو آهي جن جي کاڌ خوراڪ تي هر مهيني 12 لک 75 هزار روپيا پاڪستاني رقم برابر خرچ ڪندي، سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيل 51 ورهين جي مريم البلوشي ڪتن ۽ ٻين سان جنون جي حد تائين محبت ڪندي آهي.
