ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي 12 هين ڏينهن کانپوءِ ڪورونارپورٽ ٻيهر به مثبت اچي وئي آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق وزيراعلي سيد مراد علي شاهه جي طبيعت اڳ کان بهتر آهي، هو ايندڙ هفتي کان پنهنجي آفيس جي ڪم ڪارين کي معمول جيان سرانجام ڏيندو. ياد رهي ته سيد مراد علي شاهه کي 16 نومبر تي ڪورونا جي رپورٽ مثبت آئي هئي، جنهن سبب هو قرنطينهه ۾ هليو ويو هو.
281