299

ملتان جو قاسم باغ سڄي رات جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، علي قاسم گيلاني سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، 400 ڄڻن تي ڪيس داخل،علي قاسم گيلاني جيل حوالي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پاران 30 نومبر تي ٿيندڙ جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ملتان جو قاسم باغ اسٽيڊيم سڄي رات جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پوليس پاران ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي تي لٺبازي ڪئي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني سميت درجينن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ملتان جي  قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ جهمريون هڻندي پي ڊي ايم ڪارڪن ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ ڪرين کڻي پهتا ته اسٽيڊيم جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو، پوليس ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني سميت درجنين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کپي گرفتار ڪري ورتو، ڪارڪنن جي اسٽيڊيم ۾ وڃڻ کانپوءِ شاميانا، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان به واپس کنيو ويو. ٻئي پاسي علي قاسم گيلاني کي هڪ مهيني لاءِ جيل اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو وزارت پاران خط جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ علي قاسم گيلاني کي ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ خلاف کيس هڪ مهيني لاءِ جيل اماڻڻ جو لکيو ويو آهي. جنهن تي کيس هڪ مهيني لاءِ جيل موڪليو ويو آهي ان کان اڳ پ پ پ ۽ ن ليگ جا ڪارڪن جلسي کان اڳ ئي سموريون رڪاوٽون ٽوڙي قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا هئا. پ پ پ پاران قلعه قاسم تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽن علي حيدر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري کي به گهنٽا گهر ملتان تي مقرر ڪيو ويو هو. پيپلز پارٽي جا ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ۽ پوليس جو گهيرو ٽوڙي قلعه قاسم ۾ داخل ٿي ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو