233

ڪهاڻين جي ڪتاب ” اڻپوري خواهش“ تي هڪ نظر…

ليکڪ: عائشه صديقه سومرو

ڪهاڻين لکڻ جي صلاحيت به خدا جي طرفان انسان کي مليل هڪ ڏات آهي جيڪا هر ڪنهن ۾ موجود ناهي هوندي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي جذبن ۽ سوچن جي سمنڊ کي پنهنجي دل مان هڪ قلم جي نوڪ ذريعي لفظن جي موتين سان سجائي، هڪ ڪاغذ تي هيرن جي هار جيان موتين جي مالها جڙي ڪهاڻين يا شاعري جي صورت ۾ دنيا آڏو پيش ڪندو آهي ۽ دنيا ۾ انهن جذبن جو احساس رکندڙ انسان کيس انهن جذبن جي مختلف طريقن سان داد ڏيندا آهن. اهو داد هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ وڏو اعزاز ۽ خوشنصيبي جي مثل هوندي آهي. گل محمد سومرو پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ” اڻپوري خواهش“ ۾ معاشري جي حالتن جي عڪس کي نمايان انداز ۾ واضع ڪيو آهي. خاص طور تي تعليمي ميدان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ڪهاڻين جي روپ ۾ حقيقت کي واضع طور تي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻي اڻپوري خواهش سميت لائيف ٽائيم ايوارڊ، ساک جو صدمو، آسائش جو انت، ثقافتي ارڏايون، صبر جو سواد، جذبن جو جادو، نصيحت ۽ خودڪشي؛ ڪهاڻيون شامل آهن. گل محمد سومرو تعليم واري شعبي سان واڳيل آهي، ان ڪري سندس گهڻين ڪهاڻين جا پلاٽ به تعليم جي شعبي سان وابسته آهن. جن ۾ سماجي حوالي سان تعليم جي ميدان سان واڳيل گهڻيون شيون ڏنل آهن. هنن ڪهاڻين ۾ شاگردن جي نفسيات به ڏنل آهي ته والدين ۽ تعليمي ادارن  کي به مختلف حوالن سان بحث هيٺ آندو ويو آهي. لائيف ٽائيم ايوارڊ هڪ اهڙي فرمانبيدار ۽ هونهار شاگردياڻي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا تمام گهڻي محنت ڪري ٿي، ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهي ٿي ۽ سندس لاءِ گولڊ ميڊل جو به اعلان ٿئي ٿو، پر هوءَ بيماري سبب فوت ٿي وڃي ٿي. نياڻي تمام گهڻي محنت ڪرڻ سبب ۽ مسلسل اوجاڳا ڪرڻ سبب بيمار ٿي آخر فوت ٿي وڃي ٿي. اهو ميڊل يا ايوارڊ ڪهڙي ڪم جو جيڪو ڪنهن جي زندگي ئي کسي وٺي. حقيقت ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ خاص طور والدين لاءِ هڪ پيغام آهي، جيڪي پنهنجي اولاد سان تمام گهڻيون اميدون وابسته ڪري کين ڏينهن رات محنت جو درس ڏين ٿا. محنت سٺي ڳالهه آهي، پر ٻار جي صحت کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. گل محمد سومري جي هڪ ٻي ڪهاڻي خودڪشي ۾ به اهڙو پيغام ڏنو آهي، جنهن ۾ والدين پنهنجي نياڻي تي تمام گهڻي سختي ڪن ٿا ۽ کيس وڏو رزلٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهن ٿا. آخر جڏهن هوءَ گهربل نتيجو نٿي آڻي سگهي ته هيءُ خط لکي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي:

آءُ سمجهان ٿي ته آءُ جيڪو قدم کڻي رهي آهيان، ان سان اوهان کي تڪليف ضرور ايندي ۽ آءُ به پنهنجي آخرت ڪاري پئي ڪيان. پر ڇا ڪيان منهنجي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪو نه هو. آءُ مسلسل سوچي سوچي تنگ اچي وئي هئس. بابا جڏهن ڪنهن سان پيار ڪجي ته کيس سوچڻ ۽ مرضيءَ مطابق دائري اندر زندگي گذارڻ جي به آزادي ڏيڻ گھرجي. بيشڪ اولاد جي تربيت ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته تربيت کان سواءِ اولاد اڌورو آهي ۽ اولاد جي بهتر تربيت والدين کان وڌ ڪو ٻيو نه ٿو ڪري سگھي. پر پيار ۾ اولاد کي پنهنجي خواهشن جوغلام بنائي نه رکجي، پنهنجي خواهشن جي ڄار ۾ قيدي بنائي نه رکڻ گھرجي. اهو پيار نه بلڪه اولاد کي ذهني مريض بنائي رکڻ جي هڪ ڪوشش آهي جيڪا اوهان کي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي سمجهه ۾ نه آئي. آءُ اوهان جي خواهشن جو احترام ڪندي پنهنجي خواهشن جو هر موڙ تي ڳلو دٻائيندي رهيس، جيترو ٿي سگهيو آءُ هڪ فرمانبردار نياڻي ٿيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. بابا سائين امتحانن ۾ محنت ڪرڻ جيترو منهنجي وسَ ۾ هو آءُ وسان نه گھٽايو، پر رزلٽ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. جنهن ڪري آءُ اوهان جو ٽاگيٽ پورو ڪري نه سگهيس، مونکي خبر آهي اوهان منهنجي ان رزلٽ تي مونکان ناراض ٿيندا، ان کان اڳ جو اوهان مونکان ناراض ٿيو، آءُ پنهنجو انتُ ٿي آڻيان. نه هوندس ۽ نه ئي اوهان جي نافرماني ڪري اوهان جي بار بار دل ڏکوئيندس. ٿي سگهي ته اوهان منهنجي هيءَ نا فرماني معاف ڪندا.”  هيءُ هڪ اهڙو خط آهي، جنهن ۾ درد جون سِٽون هانءُ جهوري رهيو آهن. خاص طور ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب  سڀني والدين کي پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ سماجي حوالي سان والدين جي نفسيات ۽ ٻارن جي نفسيات تي تمام گهڻو مواد موجود آهي. هيءُ ڪتاب ڪاميابين ۽ ناڪامين جو داستان آهي. هڪ پاسي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ٻارڙن تي ناحق سختي ڪرڻ جا خراب نتيجا ڏيکاريل آهن. يا ڪي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ سماجي حوالي سان ڪلاس جو فرق سامهون اچي ٿو. اڻپوري خواهش اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا مکيه ڪردار خانداني طور هڪ ٻي کان گهڻو پري بيٺل آهن، ۽ جڏهن هو ڪورٽ مئريج ڪن ٿا ته ڇوڪريءَ جو پيءُ جيڪو پوليس آفيسر آهي اهو ڇوڪري جو “انڪائونٽر” ڪري ڇڏي ٿو جنهن جي خبر پوڻ تي ڇوڪري به خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به سخت طبيعت والدين لاءِ هڪ ميسيج آهي ته جيڪڏهن بيجا سختي رکي وئي ته اولاد ڪو به غلط قدم کڻي سگهي ٿو. هن ئي ڪتاب ۾ ٻئي پاسي”صبر جو سواد“ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جنهن جا سڳا رشتا ساڻس نفرت ڪن ٿا ۽ هو پنهنجي پيءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ  درزڪي پيشي ۾ پنهنجي استاد سان رهي ٿو، جيڪو کيس پڙهائي ٿو ۽ هو محنت ڪري سي ايس ايس  جو امتحان پاس ڪري ٿو ۽ پنهنجي استاد جو سهارو بڻجي ٿو. هيءَ هڪ ڪاميابين جي ڪهاڻي آهي. مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو سبق موجود آهي. هڪ اهڙو سبق جنهن تي عمل ڪري اسان پنهنجين زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

هي ڪهاڻيون پڙهندي ڪيترن ئي هنڌن تي اکين مان نير وهي ايندا، جيءُ جهري پوندو. خاص طور تي ويساهه گهاتيءَ تي ٻڌل ڪهاڻي ساک جو صدمو ۽ ”خودڪشي“ ۾ ليکڪ درد کي وڏي ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي. هو سماج مان ڪردار کڻي انهن جو سور بيان ڪري ٿو، آرٽ  جو سماجي ڪارج به اهوئي آهي ته ان وسيلي سماج ۾ سڌارا آڻجن. گل محمد سومري جون ڪهاڻيون سنئون سڌو اسان جي سماج سان وابسته آهن، ۽ انهن ۾  هڪ سلجهيل ۽ ذهين شخص جا ويچار آهن. هنن ڪهاڻين ۾ گل محمد سومرو تربيت جي اصولن، دوستيءَ ۾ يقين ۽ ان جي بدلي ويساهه گهاتي جي صدمي ۾ تباهه ٿيندڙ گهر جي حقيقت، محنت ڪندڙ انسان جي ڪاميابي ۽ انسانيت رکڻ وارن انسانن کي هر جاءِ عزت جو رتبو ملڻ جو يقين ڏياريو آهي. اها حقيقت آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪهاڻين جي روپ ۾ گل محمد سومرو زندگيءَ جي حقيقتن کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو