ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
اُها گهڙي به هڪ عجيب لمحو هُئي، جڏهن باک ڦٽيءَ مهل سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ طرف خيريت جون دُعائون کڻي اچي رهيا هُئا، پکي پرندا، جيت جڻا به پنهنجي ننڊ پوري ڪري سجاڳ ٿيڻ لڳا هئا، سياري جي ٿڌ سبب بستري جي گرم رضائي کي ڇڏڻ تي دل نه پئي ڪيو پر معمول مطابق پنهنجي پورهئي سان ته وڃڻو هو جو اوچتو موبائل تي نظر پئي ته اهو سائلينٽ هجڻ ڪري وائبريٽ ڪري رهيو هو، ڪال اٽينڊ ڪرڻ وقت هڪ ساٿي دوست رڳو روئيندو ئي رهيو ته مون کي اِهو ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته سائين لاڙڪاڻي ڪهڙي مهل هلندئو؟ آئون انهي ڏکوئيندڙ واقعي کان بي خبر ئي هُيس پر حافظ عبدالله سمون مون کي چند منٽن جي خاموشي کانپوءِ ٻڌايو ته ظالمن ظلم جي انتها ڪندي سنڌ جي ڪونڌر پٽ کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، اوچتو خبر ٻڌڻ کانپوءِ يقينن ڪيفيت ڪهڙي ٿي هوندي سان وضاحت ڪبي ته ساڳيو ئي سور جاڳي پوندو، ڇوته سنڌ جي سورهيه پٽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان منهنجي آخري ملاقات ۽ چند منٽن واري خير و عافيت جي ڪچهري ۽ ڳالهه ٻولهه واقعي کان ڪجهه ڏينهن پهريان حيدرآباد جي پريس ڪلب ٻاهران ٿي هئي. مفتي علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو بهادر سپوت شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هڪ ناليواري عالم دين هجڻ سان گڏوگڏ قومپرستي ۾ ڪنهن تعارف جو نه محتاج هو، هو هڪ دلير شخصيت جو مالڪ هيو، منهنجي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان پهرين ملاقات سندس مدرسي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي، اتي ٿي هئي جتي آئون عيد گڏجاڻي پروگرام ڪرائڻ لاءِ کانئس پروگرام وٺڻ ويو هُيس، جتي هن وڏي خلوص جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڊائري منهنجي هٿ تي رکي چيو ته سيپٽمبر جي مهيني ۾ جيڪا وڻئي سا تاريخ لکي ڇڏ، آئون صبح جو ڏهين وڳي اچي توهان وٽ پهچندس، تنهن دؤر ۾ ڪو موبائل سسٽم وغيره ڪونه هوندو هو، رڳو خط و ڪتابت جو دؤر هو، ڊاڪٽر صاحب کان آئون جڏهن موڪلائي پير ڳوٺ طرف روانو ٿيس ته هن آخر ۾ چيو ته ادا انهي تاريخ جي وچ ۾ مون کي خط ضرور لکي موڪلجو ته جيئن اها پڪ پوي ته ساٿين جو پروگرام يقيني آهي. ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ بڊاڻي ۾ اُهو شير سنڌ جو پهريون پروگرام هو، جنهن پروگرام دؤران سندس پارٽي جا چڱا ڀلا ذميوار ماڻهو ڪنڊائتا به ٿي ويا هئا پر مون سان گڏ سائين بشير احمد شر، حفيظ الله ڪنڀر ۽ ڏاڏا در محمد سانگي سميت ڪافي دوست سندس آجيان لاءِ بيٺا هئاسون، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي تقرير، ليڪچر يقينن ڄاڻ وارو هو، هن وٽ نه رڳو قرآن ۽ حديثن جي لفظن جي کاڻ هئي، مثالن، دليلن ۽ ثبوتن سان ڳالهيون ته خبر ناهي ته سندس دماغ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمايل هيون جو هو روانگي سان چوندو ويندو هو. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هن ديس ڌڻين جو ڪيس نه رڳو سنڌ ڌرتي تي وڙهيو پر اُها گونج گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ان وقت گونجي اُٿي هئي جڏهن مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جو سگهارو آواز سينيٽ ۾ به گونجي اٿيو هو، جيتوڻيڪ انهي سينيٽ ۾ ته ٻيا به سنڌ ڄاوا سينيٽر موجود هئا پر چپ چورڻ لاءِ به دل کپندي آهي، پر اُهو ديس ڌڻين سان محبت جو اظهار ۽ وفاداري جو ثبوت پهريون سگهارو آواز شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو هو. سنڌ ڌرتي تي مختلف وقتن تي ٿيندڙ وار هجن، صوفين جي امن واري ڌرتي تي بدامني جو اِشو هجي ايتري تائين جو سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان پيش ايندڙ تڪليفن جون گهڙيون هجن، هي مذهبي عالم دين سڀ پنهنجون مصروفيتون ڇڏي هر ڏکي گهڙي ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجو ڪيس سمجهي ڪڏهن به وقت سر پهچڻ ۾ دير نه ڪندو هو.کيس ڌرتي کان وڇڙندي 6 سال پورا ٿي ويا آهن پر اڄ به هو اسان جي دلين ۾ موجود آهي، سندس ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل سڀ جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، پر ڪيس سست رفتاري سبب هلڻ ڪري انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿيون آهن، اسان سڀني جي صرف هڪ گهر آهي ته هن ڪيس کي تڪڙو اڪلائي جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف جو ڳاٽ اوچو ڪيو وڃي.