217

ڪورونا تي ٿيندڙ سياست ۽ عوامي زندگين جو سوال..؟؟

ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي

18مارچ 2020 تي سپريم ڪورٽ جي 12رڪني  بينچ پي آئي اي  جي سي اي او جي مقرري واري ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته ڪورونا وائرس پرڏيهه مان ايئرپورٽن جي وسيلي آيو آهي جيڪا پي آئي اي ۽ حڪومتي نااهلي آهي ، اها خبر اخبارن ۾ شه سرّخين ۾ شايع ٿي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي بحرانن سان تشبيح ڏيندي ڪورونا جي معاملي تي تعليمي ۽ صنعتي  ادارن جي بندش ۽ لاڪ ڊائون ڪرڻ ۾ پيش پيش نظر آئي، سنڌ جي  وزيراعليٰ ٽي وي تي روئي ماڻهن کي ٻانهون ٻڌي احتياط جو التجائون ڪندو رهيو، بک سان ڪنهن به انسان مرڻ ۽ ڪورونا جي وبائي حملن ذريعن موت جا حوالا ڏيندي ڏٺو ويو. وزيراعظم لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي ڪورونا جي پهرين لهر جي اوج جي اچڻ کان ئي پهرين 15 مئي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ کولي ڇڏي هئي، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان موقف اختيار ڪيو هو ته ملڪ ۾ سخت لاڪ ڊائون نه ٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ماڻهون بک وگهي مري ويندا. وزيراعظم جي سنڌ جي دوري دوران سنڌ جي صحافين سان ملاقات هجي يا ڪابينا ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي، وزيراعظم عمران کي بغير ماسڪ ۽ لاڪ ڊائون جي ٿيندڙ هاڃيڪار اثرن بابت ليڪچر ڏيندي ڏٺو ويو ۽ هن وبا کي فقط هڪ زڪام چوندو رهيو.احساس پروگرام جي پئسن جي ورڇ جا سينٽر هجن يا وري نادرا جون آفيسون وبائي اوج جي دوران عوام سان ڀريون پيون هيون پر نه صرف عوام جي طرفان پر وفاقي وزيرن ۽ گورنرن احساس سينٽرن جي افتتاحي تقريبن کان احساس سينٽر جي دورن جي دوران  ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت واپارين خلاف جڏهن به ڪارروائي ڪندي ڪجهه گرفتاريون ڪيون هيون ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ ۾ موجود پي ٽي آئي جي قيادت نه صرف سنڌ حڪومت جي مخالفت ڪئي پر ڪراچي جي واپارين کان سنڌ مخالف بيان پڻ ڏياريا ويا. سنڌ حڪومت تي ملڪي معشيت تباهه ڪرڻ جي سازش جا الزام گردش ڪندا رهيا پر اهڙي سڄي صورتحال ٻين صوبن سان گڏ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت بي انتها خلاف ورزين جي ۽ پروٽوڪول جي نالي تي ٿيندڙ بي ضابطگين تي ڪو به ڪيس سياستدانن جي خلاف داخل نه ڪيو ويو.گلگت بلتستان جي اليڪشن کانپوءِ آخر اوچتو ڇا ٿيو جو حڪومت لاڪ ڊائون جي حامي ٿي وئي ۽ مخالف ڌريون انڪار ڪري رهيون آهن، جڏهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر 11 نومبر تي درگاهن، سينيمائن، تعليمي ادارن ۽ اجتماعي ميڙاڪن تي پابندي جي تجويز پيش ڪئي پر گلگت بلتستان جي چونڊن جي مهم وفاقي وزير توڙي پ پ پ ۽ نوازليگ جي قيادت اتي جلسا ڪري رهيا هئا وزيراعظم به اتي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. 18 نومبر تي به وزيراعظم عمران خان فيصل آباد ۾ جي دوري جي دوران به هڪ تقريب کي خطاب ڪيو جنهن ۾ به ڪورنا ضابطگين جي سراسر خلاف ورزي ڏسڻ ۾ آئي.  جنهن ڏينهن ته پشاور ۾ پي ڊي ايم جو جلسو هو انهي ڏينهن ته پنجاب جي خصوصي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پڻ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪنهن قسم جون ايس اوپيز تي عمل نظر نه آيو هو. اليڪشن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين جي نشاندهي کانپوءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي طرفان جذبات جوحوالو ڏيندي جذباتي مارچ جو اشارو  ۽ پي ڊي ايم توڙي جماعت اسلام جي وڏن ميڙاڪن حڪومت تي هڪ دٻاءَ ضرور وڌو ۽ اهو تاثر به پيدا ٿيو ته مارچن ۽ ڌرڻن جي سياست کان پاسو ڪندڙ پ پ جيڪڏهن روڊن تي نڪري آئي ته ڪٿي ملڪ ۾ وري ايم آر ڊِي  جي تاريخ نه دهرائي وڃي؟ شايد انهي ڳڻتي  جي ڪري وفاقي حڪومت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تجويزن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پشاور جي جلسي کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سطح تي چرپر نظر آئي.پشاور جلسي ۾گلگت اليڪشن جو عڪس نظر آيو  پهريون دفعو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي مقتدر اداري جو ذڪر سڌو سنئون ڪيو، پشاور جلسي کان پهرين ئي ملتان جو سياسي ماحول گرم ٿي چڪو هو ۽ مسلم ليگ نواز جي مقامي قيادت کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو جنهن جي لاءِ نواز ليگ لاهور هاءِڪورٽ سان رجوع پڻ ڪري چڪي آهي. پ پ پ جي ملتان جي مقامي قيادت کي ڪورونا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۾ ڪيس داخل ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي. وبا جي وڌندڙ ڳنڀيرتا کان انڪار ڪرڻ هڪ بيوقوفي هوندي پر جڏهن وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن پهرين لهر جي دوران اهو موقف اختيار ڪيو هو ته صوبائي حڪومتون توڙي وفاقي حڪومت کي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڪڊائون کي هڪ حربي طور استعمال ڪرڻ گهري ٿي جنهن لاءِ عوامي سهڪار لازمي آهي ۽ عوام کي اهو چيو ويو ته گهرن ۾ رهو   ته جيئن حڪومت پاليسي جوڙِي سگهي ڇو ته وبا سان گڏ هاڻ هلڻو پوندو ؟ ملڪ ۾ جٿي روزگار، بجلي، گئس،پاڻي، اٽي، کنڊ ۽ سبزين جي قيمتن جو بحران آهي اتي حڪومتن وٽ فيصلا سازي ۽ دور انديش پاليسين جوڙڻ جو بحران پڻ پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي. اهو تاثر ڪنهن حد تائين درست آهي ته حڪمران ڌر، پهرين لهر جي  دوران معاشي بحران  کي ڪووڊ جي پويان لڪايو،شايد هاڻي سياسي مقصدن لاءِ وبا جو سهارو ورتو پيو وڃي جڏهن ته  ملڪ ۾ وڌندڙ بحرانن تي حڪومت جي طرفان سڀ صحيح آهي ۽ بهتري جو راڳ آلاپيو پيو وڃي ته ٻئي طرف مخالف ڌر پڻ عوام پٽاندڙ پاليسين جي پيشڪش ڪرڻ جي بجاءِ عوام کي پنهنجي اقتدار لاءِ روڊن تي آڻڻ  جو  ٻٽو معيار رکي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو