ليکڪ: مشيل رابرٽ
سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن جون ڪمپنيون ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ويڪسين جي تياري ڪري رهيون آهن ۽ جلد ئي لاتعداد موثر ويڪسينون ان وبا تي ڪنٽرول لاءِ دنيا ۾ موجود هونديون، پر جتي ڪيترائي ماڻهو جلد کان جلد اها ويڪسين لڳرائڻ لاءِ بي تاب آهن اتي ڪجهه ماڻهو هڪ اڻڄاڻ دوا کي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪرڻ تي پريشان به نظر اچن ٿا، اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته ويڪسين محفوظ آهي؟ هي اهو پهريون ۽ بنيادي سوال آهي جيڪو سائنسدان ڪنهن به ويڪسين جي تياري ۽ ان جي جاچ جي نئين علاج وارو طريقو شروع ڪرڻ کان اڳ پڇندو، ڪنهن به ويڪسين جي محفوظ هجڻ جي تجربن کي ليبارٽري جي سطح تي شروع ڪيو ويندو آهي، ان جو تجربو جانور ۽ انسان جي خلين تي ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان کي انساني جسم ۾ لڳايو وڃي ٿو، ان جو اصول اهو آهي ته هن ويڪسين جي تجربي کي ننڍي پئماني تي شروع ڪيو وڃي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ صرف ان وقت داخل ٿيڻ گهرجي جڏهن ان جو انساني صحت تي ڪو به غير معمولي اثر ظاهر نه ٿئي ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڪئي وڃي ته اها انساني جسم لاءِ محفوظ آهي. ويڪسين جي تياري ۾ تجربن مان ڇا مراد آهي؟ جيستائين ليبارٽري ۾ ٿيندڙ تجربن جي انگن اکرن مان اهو ثابت نه ٿي وڃي ته ان جا نتيجا بهتر ۽ حوصلو ڏياريندڙ آهن ۽ سائنسدان ان ڳالهه جي نشاندهي ۽ يقين نه ڪري وٺن ته تيار ڪيل ويڪسين يا علاج وارو طريقو موثر اهي، ان کي اڳتي وڌائي نٿو سگهجي. انسانن تي تجربي لاءِ وڏي پئماني تي رضاڪارن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان عمل ۾ اڌ رضاڪارن کي تيار ڪيل ويڪسين لڳائي ويندي آهي، جڏهن ته اڌ کي سادو مادو لڳايو وڃي ٿو، اهڙي عمل ۾ محققن ۽ تجربي ۾ شامل رضاڪارن کي اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي اصل ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ڪنهن کي سادو پاڻي، جيستائين ان جي ليبارٽري نتيجن جو تجزيو نه ڪيو وڃي اهو ان لاءِ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ان عمل دوران ڪنهن قسم جي جانبداري نه ٿئي. انهن سمورن تجربن جي نتيجن کي آزاد طريقي سان پرکيو ۽ جاچيو وڃي ٿو، ڪورونا جي ويڪسين جا تجربا انتهائي جلدي ۽ تيزي سان ڪيا ويا آهن پر ان عمل ۾ ڪنهن به سطح تي ڪيل تجربن کي ڇڏيو ناهي ويو، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ دوا ٺاهيندڙ ڪمپني آسٽر ازنيڪا جي ويڪسين جي تجربن کي هڪ موقعي تي رضاڪاراڻا طور تي اهو ڄاڻڻ لاءِ روڪيو ويو هو ته ان تجربي ۾ شامل هزارين ماڻهن مان هڪ فرد جو موت ڇو ٿيو؟ ان ويڪسين جي تجربي کي اهو واضح ٿيڻ تي ان فرد جو موت ويڪسين سبب نه ٿيو آهي، ٻيهر شروع ڪيو ويو.نئين ويڪسين يا علاج جي طريقي جي منظوري ڪير ٿو ڏئي: ڪنهن به نئين ويڪسين جي انسانن تي استعمال جي اجازت صرف حڪومت طرفان ٺاهيل ادارو (ميڊيسن اينڊ هيلٿ ڪيئر پراڊڪٽس ريگيوليٽري ايجنسي) ان صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن هو ان جي انساني استعمال جي محفوظ ۽ موثر هجڻ تي مطمئن ٿئي. ان ويڪسين جي منظوري کانپوءِ به ان جي جاچ جو عمل جاري رهي ٿو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ان جا صحت تي عارضي يا پري جا ڪي به خراب اثر ظاهر نه ٿين، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هجي ته هو ان ويڪسين جي خراب اثرن جو شڪار آهي يا ان ۾ مبتلا آهي ته هو ڊرگ ريگيوليٽري ايجنسي کي شڪايت ڪري سگهي ٿو. ڪورونا ويڪسين ۾ ڇا آهي؟: هن وقت دنيا ۾ ڪيتريون ئي ڪورونا ويڪسين تيار ڪيون پيون وڃن، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ آسٽر ازنيڪا جي تيار ڪيل ويڪسين ۾ هڪ نقصان نه ڏيندڙ وائرس جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو سارس ڪووڊ-2 يعني ڪورونا وائرس سان مشابهت رکي ٿو، آمريڪي ڪمپني فائزر، بائيو اينٽيڪ ۽ موڊرنا جي تيار ڪيل ويڪسينن ۾ هڪ جينياتي ڪوڊ جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو انساني مدافعتي نظام جي ردعمل سبب ٺهي ٿو ۽ انهن کي ايم آر اين اي ويڪسين چيو وڃي ٿو، اهي ويڪسينون انساني ٽشوز ۾ تبديلي نٿا آڻين پر اهي انساني جسم ۾ ڪورونا وائرس خلاف مدافعت وڌائڻ جو ڪم ڪن ٿا. ڪجهه ويڪسينن ۾ ڪورونا ورئس مان پروٽين حاصل ڪري استعمال ڪئي وئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ويڪسينن ۾ ٻيا جزا مثال طور المونيم وغيره به استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثر وارو بڻائي سگهجي. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪورونا متاثر شخص کي ويڪسين لڳائڻ محفوظ آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي منظوري ملي وڃي ٿي ته اهو عين ممڪن آهي ته اهڙن ماڻهن کي به اها ويڪسين ڏني وڃي جن کي ماضي ۾ ڪورونا ٿي چڪي آهي، ائين ان لاءِ ڪيو ويندو ڇو ته قدرتي مدافعت سدائين لاءِ حفاظت نٿي ڏئي سگهي ۽ اسان ڪورونا وائرس جا ٻيو ڀيرو متاثر ٿيندڙ ڪيس به ڏٺا آهن، ڪجهه ويڪسينون جيئن شنگلز ويڪسين يا ٻارن جي فلو ويڪسين ۾ خنزير جي گوشت جو جليٽن استعمال ٿئي ٿو اهڙي طرح ڪجهه ويڪسينون ڪڪڙ جي بيضن يا چوزن جي ٽشوز مان ٺاهيون وڃن ٿيون، هن وقت سوين ويڪسينن تي ڪم هلندڙ آهي، جن ۾ استعمال ٿيندڙ سمورن جزن جا تفصيل موجود نه آهن، ان حوالي سان اسان وٽ نمايان سائنسي ثبوت موجود آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ويڪسين جي ذريعي ئي انفيڪشن کان بچي سگهجي ٿو، هن وقت تائين جي نتيجن مطابق ڪورونا وائرس ويڪسينز ماڻهن کي گهڻو بيمار ٿيڻ کان بچائڻ ۽ سندن حياتيون محفوظ ڪرڻ لاءِ مفيد ثابت ٿين ٿيون. ڪورونا وائرس ويڪسين جي پهرين خوراڪ انهن ماڻهن کي ڏني ويندي جن کي انهن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي جيئن وڏي عمر وارا ماڻهو جيڪي بيماريءَ سبب سخت متاثر ٿي سگهن ٿا. اڃا تائين اهو واضح نه ٿيو آهي ته ويڪسينز ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪيتريون مددگار ثابت ٿينديون جيڪڏهن ان معاملي ۾ اهي فائدي واريون ثابت ٿين ٿيون ۽ اڪثريت کي لڳايون وڃن ٿيون ته ان بيماري جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو. (بي بي سي جي ٿورن سان)