230

پاڪستان اسٽيل مل مان 4544 ملازمن جي برطرفي….

ايڊيٽوريل

پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميا گروپ هڪ کان چار تائين جي  4544 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسٽيل مل انتظاميا طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غير فني ملازم جن ۾ استاد، مالي، چوڪيدار، سيڪيورٽي گارڊ، باورچي پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ آفس اسٽاف پنهنجي ملازمتن تي برقرار رهندا، گروپ 3 جي اسسٽنٽ مينيجر، ڊپٽي مينيجر ڪيڊر جي آفيسرن کي فارغ ڪيو پيو وڃي، گروپ 5 جي مينيجرز سميت تمام آفيسرن کي پڻ فارغ ڪيو پيو وڃي سوائي انهن ماڻهن جي جيڪي تعليم ۽ ميڊيڪل جي لازمي سروس تي موجود آهن، ان سلسلي ۾ برطرفين جا آرڊر ملازمن کي  گهرن تي روانا ڪيا ويا آهن، هوڏانهن  برطرفين جو اطلاع ملندي ئي ڪيترائي ملازم پريشاني ۽ ڳڻتي وچان بيمار ٿي پيا آهن ان سلسلي ۾ اطلاع مليو آهي ته  هڪ ملازم حبيب الرحمان برطرفي جي اطلاع تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، فوتي ملازم جي پٽ شڪيل احمد ٻڌايو ته برطرفي جو اطلاع ملندي ئي سندس والد کي دل جو دورو پيو جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو پر هن رستي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو،  اسٽيل ملز يونين جي اڳواڻن طرفان انتظامي فيصلي جي سخت مذمت ڪندي اسٽيل مل جي سي بي اي يونين، انصاف ليبر يونين جي صدر شيراز جٽ چيو آهي ته اسٽيل مل مان اوچتو 4544 ملازمن کي جبري طور برطرف ڪيو ويو آهي جنهن خلاف هر ممڪن جدوجهد ڪنداسين. ٻئي طرف سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي مزدور دشمن قدم قرار ڏنو آهي، هن چيو آهي ته موجوده نااهل حڪومت جو اهو قدم ساڍا هزار خاندانن جو معاشي قتل عام آهي، هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعويدار نااهل عوام دشمن حڪومت لکين پاڪستانين کان روزگار کسي ورتو آهي. هن چيو ته پ پ برطرف ملازمن جي جدوجهد ۾ عملي طور تي ساڻن گڏ بيٺل هوندي، هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ملازمن کي برطرف ڪرڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي ۽ اسٽيل مل کي معاشي طور تي خوشحال بڻائڻ لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪري، مل هلائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

اها انتهائي ڏک واري خبر آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران قائم ڪيل ايشيا جي سڀ کان وڏي اسٽيل مل جي حالت هن وقت انتهائي خراب آهي، يقينن ان جي حالت خراب ڪرڻ ۾ سڀ ڌريون برابر جون شريڪ آهن، پر مهانگائي جي هن دور ۾ هزارن جي تعداد ۾ ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ انتهائي ظالماڻو ۽ سخت قدم آهي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته موجوده حڪومت اسٽيل ملز کي بحال ڪري ان جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌارو ڪري ها پر بدقسمتي سان موجوده حڪومت به اڳوڻي حڪومت جي نقشِ قدم تي هلندي اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي سميت قومي ادارن کي خانگائڻ جي چڪر ۾ لڳل آهي، اسان سمجهون ٿا ته پهريان ته اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملازمن کي بيروزگاري کان بچايو وڃي پر جيڪڏهن  اهو عمل اڻٽر آهي ته پوءِ برطرف ڪيل ملازمن کي رهتن سميت ايترو رليف ڏنو وڃي جو اهي پنهنجو عزت ڀريو گذر سفر ڪري سگهن، اهي به خبرون آهن ته ملازمن کان گهر پڻ کسيا ويندا، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت اهڙي فيصلي کان اڳ کين متبادل ڏئي، جڏهن ته اسٽيل ملز جي سموري زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي ۽ ان تي صوبي جو حق تسليم ڪري ان کي تڪرار نه بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو