270

صوماليا ۾ انتهاپسندن جي حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، 12 زخمي

موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليا جي گادي واري شهر موغاديشو ۾ هوائي اڏي ويجهو هڪ آپگهاتي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب حملو ائيرپورٽ جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڪيو ويو. جنهن جو نشانو سڪيورٽي جو اهڪ اعلي آفيسر ۽ انٽيليجنس آفيسر  هئا. پوليس ٻڌايو ته دهشتگرد حملي ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي عملي جو هڪ شخص پڻ مارجي ويو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل حملو انتهاپسندن پاران ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو