222

ڪورونا وبا: جاپان حڪومت پاران تعليمي ادارا کليل رکڻ جو فيصلو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي تعليم واري وزير هاگي اداڪواچي مطابق ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان ٻيو ڀيرو هنگامي حالتن واري اعلان جي صورت ۾ پڻ اسڪول بند ڪرڻ تي غور نه پيو ڪيو وڃي.هن چيو ته وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارن ۾ نشانيون شديد هجڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي ۽ وبا اسڪولن مان نه پئي ڦهلجي،هن چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي اسڪولن کي بند ڪرڻ  جي درخواست تي هن وقت ڪا به منصوبابندي نه ڪري رهي آهي،هن چيو ته حڪومتي اعلان جي باوجود اسڪول بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو مقامي بلديا ڪندي.هن چيو ته ٻارن جي تعليم حاصل ڪرڻ جي حق ۽ انهن جي ذهني ۽ جسماني صحت تي پوندڙ اثرن جي باري ۾ غور ڪرڻ کانپوءِ صرف سخت ضرورت جي صورت ۾ ئي اسڪول بند ڪرڻ گهرجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو