226

ٽرمپ آمريڪي ميڊلن البرئٽ ۽ هنري ڪيسنجز سوڌو پرڏيهي ٽيم جي ميمبرن کي بيدخل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪارن جي هڪ ڪميٽي کي ڪڍي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته دفاعي پاليسي ڪونسل جي ڪيترن ئي ميمبرن کي ڪڍيو ويو آهي. رپورٽ مطابق ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو قدم پرڏيهي پاليسي جي ماهرن جي بيدخلي جي هڪ ٻئي ڪڙي آهي، دفاعي پاليسي ڪونسل جي هڪ اهڙي ٽيم آهي جيڪا پينٽاگون کان ٻاهر رهندي ڪم ڪندي آهي ۽ ٽيم فارن پاليسي ۽ انٽيليجنس جي اڳو ڻن عهديدارن تي مشتمل آهي جنهن جو ڪم مشورا ڏيڻ آهي، ٽيم مان بيدخل ڪيل عهديدارن ۾ آمريڪا جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ميڊلن البرائٽ ۽ هنري ڪيسنجر پڻ شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو