پيرس (ويب ڊيسڪ) پريس ۾ حڪومت جي پريس پاليسن خلاف صحافين ۽ شهرين سوڌو هزارين ماڻهو احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو، گهرو وزارت طرفان پوليس ڊيوٽي دوران پوليس آفيسرن جا فوٽو ۽ وڊيو نه ڪڍڻ ۽ ميڊيا تي شايع نه ڪرڻ بابت حڪومتي پاليسي خلاف احتجاجي مظاهري دوران پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، احتجاج دوران فائرنگ جي واقعي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ صحافي پڻ شامل آهن جڏهن ته پوليس مظاهرو ڪندڙ 46 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
