374

شاندار ماضي رکندڙ شڪارپور جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

ليکڪ: انيس باقي بلوچ

شڪارپور سنڌ جو تاريخي خطو آھي، جيڪو سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي کان 29 ڪلوميٽرن تي موجود آھي. 2017ع جي ڪرايل آدمشماري مطابق سندس ٽوٽل آبادي 1900,537 آھي، اڄ کان 2 سئو سال اڳ ھي انتھائي ترقي وارو علائقو ھو. يعني 1783-1701ع کان ھن شهر ترقي جي اھا منزل طئي ڪئي جو جيڪڏھن توھان ان جي ڀيٽ ڪندا ته لنڊن، پئرس ۽ شڪارپور ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي نظر ايندي هئي، هتي لائبريريون، ٿيٽرز، هال، موبائل لائبريٽريون، ڪاٽيجز، بيڪريون ۽ شاندار ڪاروباري مرڪز هئا، شڪارپور اهڙو تجارتي مرڪز هوندو هو جو هتان جون شيون سنڌو درياهه ذريعي ڪراچي ۽ سڄي دنيا ۾ اماڻيون وينديون هيون، ڪنهن زماني ۾ هي هڪ تمام وڏي شڪار گاهه هوندي هئي، ٽالپرن جي دور ۾ هتي تمام وڏا شڪار ٿيندا هئا، هن شهر کي علم جو مرڪز به سڏيو ويندو هو، شڪارپور شهر دائودپوٽن جو هو، سن 1617ع ۾ جڏهن دائودپوٽن لکيءَ جي مهرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني، گڏهن هي شهر ٻڌايائون ۽ پوءِ به 100 کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ ان شهر کي حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙو هلندو آهي، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ اهو شهر پنهورن جي هٿ ۾ هو ۽ ان جو نالو خداآباد رکيائون آخر احمد شاهه دراني هي شهر حاصل ڪري اتي هڪ افغان حاڪم ويهاري ان کي سيويجي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا، جن مان مشهور ماڻهو سيد محمد تقي بخاري، سندس پٽ ابو طالب، حاجي فقير الاهي، فضيلت ۽ علم ۽ پرهيزگاريءَ وارا ماڻهو هئا، شهر جي ڀرسان ماڙيءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي، جنهن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو، اتي هڪ گرم چشمو به آهي، پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته ”شڪارپور شهر جي قيام جي تاريخ انگريزن جي مرتب ڪيل گزيٽيئر 1906ع ۾ 1617ع لکيل آهي. دراصل سڀ کان پهريائين هن تاريخ جو ذڪر ڪئپٽن اليگزينڊر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هو 1828ع ۾ قنڌار جي رستي بخارا ڏانهن ويندي شڪارپور مان لنگهيو هو ۽ ان وقت کيس ان تاريخ جي خبر پئي. هو لکي ٿو ته شڪارپور جي قيام جي تاريخ 1026هه، مطابق 1617ع آهي. لکيدر جي ٻاهران حاجي فقير الله علوي رحه جي مسجد ۾ هڪ ڪتبو موجود آهي، جنهن تي فارسي لفظ ”غوڪ“ درج آهي ۽ ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد 1026هه، 1617ع ٿئي ٿو ۽ اها ان جي قيام جي تاريخ آهي. شڪارپور ۾ اڳي انهيءَ هنڌ گهاٽا ٻيلا هئا ۽ حاڪم اتي شڪار لاءِ ايندا هئا ۽ انهيءَ ڪم لاءِ شڪار گاهه مقرر هئا. دائود خان ڪلهوڙي کي اهو هنڌ مليل هو، جنهن جو اولاد دائود پوٽا هئا ۽ اُهي انهيءَ هنڌ جا مالڪ هئا. دائود جي اٺين پيڙهي بهادر خان هو، جنهن کي اورنگزيب بادشاهه وٽان لکي ۽ خانپور جاگير ٿي مليا. انهيءَ جو اوٻاوڙي جي مهرن جي سردار شير خان سان تڪرار ٿيو، جنهن لکي کسي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. طرفين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ دائود پوٽن فتح ڪئي ۽ لکي موٽائي ورتو، پوءِ انهيءَ فتح جي يادگيريءَ لاءِ شڪارگاهه جو جهنگ وڍائي ميدان صاف ڪرائي اتي شهر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور رکيائون. اُهو سال 1026هه، سن 1617ع هو، جو فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري، جنهن جي معنيٰ ڏيڏر آهي ۽ جو شهر جي لکي دروازي واري حاجي فقير الله واريءَ مسجد جي هڪڙي پهڻ تي اُڪريل آهي. ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۽ سيويءَ جا حاڪم پنيءَ جا افغان هئا، انهن سان ڪلهوڙن جو جهِيڙو هليو. جڏهن سن 1124هه، سن 1712ع ۾ شهزادو معزالدين آيو، تڏهن ڪلهوڙا انهيءَ جي لشڪر سان وڙهڻ لڳا، جنهن ۾ ميان دين محمد گرفتار ٿيو پر انهيءَ کان پوءِ ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ وري ڪلهوڙا زور وٺي ويا. شڪارپور ۾ تڏهن پنهور زور هئا، انهن کان ڪلهوڙن شڪارپور هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجو شهر ٻڌائون، جنهن کي خدا آباد سڏيائون ۽ اتان آسپاس جو ملڪ وٺڻ لڳا. ميان يار محمد خدا يار خان جي خطاب سان سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ پوءِ بکر آيو. دائود پوٽن ۽ پنين جو فساد ٿيو جو هن اچي بند ڪيو. اهي ڳالهيون سن 1130هه، سن 1717ع ڌاري ٿيون. يار محمد کانپوءِ ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ سن 1139هه، سن 1726ع ۾ هو وري به دائود پوٽن سان وڙهيو ۽ نيٺ انهن کي جيتي اچي شڪارپور ۾ رهڻ لڳو، پر 1150هه، سن 1737ع ۾ جڏهن نادر شاهه آيو، تڏهن هن شڪارپور وري دائود پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن کي جيئن اڳي هو. سن 1197هه، سن 1782ع کان پوءِ جڏهن ميان عبدالنبي گاديءَ تي هو، تڏهن تيمور شاهه بادشاهه سنڌ تي ڪاهيو ۽ سندس لشڪر جو سردار عزت يار خان هو، تنهن کي مير بجار خان شڪارپور وٽ شڪست ڏني. جيتوڻيڪ دائود پوٽا، بروهي، افغان ٻيا سڀ شاهي لشڪر سان شامل هئا، تنهن تي تيمور شاهه پاڻ آيو، اچي مير بجار خان کي ڏاڍي آبرو ڏنائين ۽ ميان عبدالنبيءَ کي سنڌ جو پڪو حاڪم ڪيائين. سن 1207هه، سن 1792ع ۾ ڪن ماڻهن جي چورڻ تي تيمور شاهه وري سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان سامهون ٿيڻ لڳس پر پوءِ صلح ڪيائون ۽ شاهه مير کي پڪو حاڪم مقرر ڪيو. سن 1218هه، سن 1803ع ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مير غلام علي خان لشڪر وٺي شڪارپور آيو پر پوءِ ڍل مقرر ڪري پٺ تي موٽي ويو. سن 1230هه، سن 1814ع ۾ شاهه شجاع الملڪ عظيم خان کان ڀڄي حيدرآباد ۾ آيو. مير ڪرم علي خان لشڪر ڏئي شڪارپور ۾ آڻي رهايس. عظيم خان ايوب شاهه کي لشڪر ڏئي هن کي ڀڄائڻ لاءِ شڪارپور آيو. ٻئي لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر سگهو ئي ميرن ٻارنهن لک رپيا ڏيڻ قبول ڪيا ۽ شاهه شجاع اتان ڀڄي لڌياني هليو ويو. سن 1233هه سن 1817ع ۾ وري راجا رنجيت سنگهه نهال سنگهه جي هٿ هيٺ لشڪر سنڌ ڏئي موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انهيءَ کي سامهون ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو، پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سن 1244هه سن 1828ع ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾ شاهه شجاع الملڪ وري به ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ ڏني وئي، پر مير جي مرڻ تي شاهه شجاع الملڪ اُتي جو مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا اسماعيل شاهه شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد خان لشڪر موڪليو، جنهن سان خيرپور جو لشڪر به شامل ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي، گهڻا ماڻهو مئا. آخر صلح ٿيو ۽ شاهه شجاع ٻارنهن لک رپيا وٺي نڪري هليو ويو. سن 1258هه، سن 1842ع ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهد نامو ڪيو ته مير انگريز سرڪار کي شڪارپور، ڪراچي، سبزل ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ڏئي ڇڏين ۽ ٻيا به ڪيئي شرط هئا. ميرن پهرين اُنهيءَ تي صحيح نه ٿي ڪئي، پر آخر ڪيائون. جاگرافيائي لحاظ کان شڪارپور نهايت ئي اهميت جوڳي جاءِ تي آباد آهي. اِهي ئي ڪارڻ هئا، جو انگريزن سنڌ تي قابض ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور کي سموري اُتر سنڌ لاءِ ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت ڏني، سنڌي ادب جي ابو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ به سن 1891ع ۾ شڪارپور ۾ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي سٽي مئجسٽريٽ جي اعليٰ عهدي تي فائز رھيو پر افسوس سان اڄ اھو شڪارپور پئرس ناھي رھيو، جتي تعليم جو مرڪز ھوندو ھو، اتي اڄ تعليم نالي ماتر به ناھي رھي، اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، ضلعي ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ اسپيشل ڊاڪٽرن جي کوٽ، ويم گھرن جي کوٽ، سھولتن جي کوٽ يقين ڪيو، اھا حالت ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو