ليکڪ: گل حسن ڪلمتي
حاجي رسول بخش بلوچ به موڪلائي ويو، جڏهن ھن جو جنازو کنيو ويو ته جنازي ۾ شريڪ ھر اک آلي ھئي،شھيد عبدالله مراد،ڄام بجار خان ،حاجي شفيع محمد ڄاموٽ،شھيد مرتضيٰ بلوچ، سائين عبدالعزيز جي وڇوڙي کانپوءِ اڄ وري پورو ملير سوڳوار ھو،سٺ واري ڏھاڪي کان وٺي سندس موڪلاڻي تائين ملير کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ ۾ حاجي رسول بخش بلوچ جو ڪردار انتهائي اهم ۽ تاريخي آهي، هو مسلسل ملير جي خوشحالي واري جدوجهد ۾ مشغول رھيو، ھن جي زندگي جو محور ۽ مقصد ملير ۽ ملير واسين جي سر بلندي لاءِ ھو، هن 1963ع ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبري کان وٺي ملير آبادگار بورڊ جي وائس چيئرميني تائين ۽ مجلس شوريٰ جي ميمبري تائين صرف ۽ صرف ملير جي خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪئي، ضلعي ڪائونسل جي ھر اليڪشن کان ويندي، ٽائونن جي چونڊن تائين، ھو ڪنگ آف ڪنگ ميڪرز (King of King Makers) رهيو، هن جي ئي ڇانو ۾ ڪيترا نوجوان عملي سياست جي ميدان ۾ آيا ۽ سندس اصولن جي پوئيواري ڪندي پنهنجي ۽ ملير جي سڃاڻپ بڻيا، سنڌ مدرسي جي برانچ، گڏاپ پبلڪ اسڪول، ڪاليجن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي اڏاوت سندس جدوجهد جو نتيجو آهي، هن ملير ۾ تعليمي انقلاب لاءِ جيڪا به وک کنئي اها سوڀاري وک ثابت ٿي، نه صرف ايترو پر ڊيمن ۽ اسپتالن جو بنياد وجهندڙ پڻ حاجي رسول بخش بلوچ هو، هن باراني علائقي ۾ ڊيمن لاءِ جدوجهد ڪري انهن جو بنياد وڌو ۽ اتان ماڻهن کي نه صرف پيئڻ لاءِ پر آبادي لاءِ به پاڻي مليو، صحت جي سهولتن جي حوالي سان به بنياد وجهندڙ حاجي رسول بخش بلوچ آهي، ملير ۾ ترقي جا اڪثر منصوبا هن شخص جي محنتن جو ثمر آهن، هن جي سوچ ۽ لوچ ۾ ملير جي ترقي ۽ خوشحالي جا خواب هئا ۽ هن پنهنجي جدوجهد وسيلي انهن مان اڪثر خوابن جي عملي طور تي ساڀيان به ماڻي، پوئين زماني جي سياسي صورتحال ۽ سماجي ماحول کيس بددل ضرور ڪيو هو پر هن شخص جي پاسي مان نااميدي ڪڏهن ڀلجي به نه گذري، بيماريءَ جي ڪري دوستن ڏانهن سندس اچڻ وڃڻ ضرور گهٽجي ويو هو پر هن جي اوطاق تي دوستن جا ميڙا متل هوندا هئا، حاجي رسول بخش بلوچ هڪ تاريخ ساز شخصيت هو، رحمدل ۽ مٺي مزاج وارو هي ماڻهو سياست ۾ هوندي به زنده آباد ۽ مرده آباد واري سياست کان هميشه پري رهيو، سندس سياسي زندگي مسلسل جدوجهد جو هڪ شاندار نمونو ۽ مثال هئي، هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو، هن جا اختلاف سياست جي حد تائين هوندا هئا، سماجي لڳ لاڳاپي ۾ هو باقاعده مڙس ماڻهو هو ۽ ڏکئي ويل ۾ ڪنهن مخالف کي به هن اڪيلو نه ڇڏيو، هي خوددار، بااصول ۽ مجلسي مڙس نمائشي سياست کان ڪوهين ڏور هو، حاجي صاحب کي نالو ڪڍرائڻ جو شوق نه هو، ماٺ ميٺ ۾ ملير ۽ ملير واسين جي قسمت بدلائڻ ۾ مصروف رهيو، وس پڄندي سڀني کي فائدو پهچايائين، سندس در تان سندس وس آهر ڪير به نااميد نه موٽيو، سڀني جي عزت ڪيائين، هو ملير جي آبرو ۽ بابائي ملير هو. هن شخص جي ڪري گڏاپ جو گاجان ڳوٺ، هتي موجود حاجي جمعي جي هوٽل ۽ بڙ وڻ، ملير توڙي ڪراچي جي اصلوڪن لوڪن جي سياست جا مرڪز رهيا، سندس وڇوڙي سان ڄڻ اهي مرڪز ويران ٿي ويا. هو پنهنجي حصي جي جوت جلائي ويو، هاڻ ان جوت کي جلا بخشي جوان ڪرڻ ملير واسين جي ذميواري آهي. حاجي رسول بخش بلوچ جي وفات تي ملير جي تاج جو هڪ گل ڪومائجي ويو پر ڪومائجڻ کان اڳ هو ملير کي سياست ضرور سيکاري ويو آهي. پنهنجي سڄي زندگي ريتي بجري مافيا خلاف جهيڙيندڙ حاجي رسول بخش بلوچ جي وڃڻ تي ڪراچي جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو شايد ئي ڪو ڀري، الله تعاليٰ حاجي صاحب کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي (آمين)