ليکڪ: تاج ٽانوري
پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي مسلسل عوام دشمن فيصلن سبب نه صرف پاڪستان جي عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ حڪومت جي اچڻ کان پهرين عوام ۾ وزيراعظم عمران خان لاءِ عزت ۽ سندس مان اميدن جي ابتڙ وزيراعظم جي ناڪام پاليسن ۽ وفاقي حڪومت وٽ ڪوبه عوام جي بهتري لاءِ پلان نه هجڻ ۽ سندس اليڪشن دوران عوام کي خوشحالي سميت ڪيترائي سبز باغ ڏيکاريندڙ عمران خان جي مسلسل عوام دشمن پاليسن سبب پاڪستان جي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ پاڪستان جي چئن صوبن مان سنڌ صوبي ۾ عوام دوست پ پ حڪومت جي مقبوليت ۽ سنڌ جي عوام جو پ پ طرف وڌندڙ زور کي ڏسندي هڪ طرف سنڌ جي فنڊن کي روڪڻ ۽ بناجواز ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل سان وفاق جيڪا اندورني سازش ڪري سنڌ حڪومت جا فنڊ بند ڪري ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٻين عوام دوست اسڪيمن ۾ روڪاوٽون وجهي جيڪا سياست شروع ڪئي آهي ان کان سنڌ جي عوام چڱي ريت واقف ٿي چڪي آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا جي وزيرن جي کليل ڪچهرين ۾ سنڌ جي باشعور عوام کي وفاق جي سنڌ دشمن پاليسن کان چڱي ريت آگاهي ڏئي سنڌ حڪومت لاءِ وفاق پاران وڌل رڪاوٽن کان واقف ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو وفاق جي اهڙي عمل جي ندا ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال باوجود به سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي ڪافي حد تائين سهولتون ڏيڻ ۽ وفاق جي غلط فيصلن سبب متاثر ٿيندڙ سنڌ جي پورهيت طبقي ۽ غريب عوام لاءِ آواز اٿاري وفاق آڏو ديوار بڻجي نيشنل اسيمبلي ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن سان گڏوگڏ پ پ چيئرمين وزيراعظم ۽ سندس ساٿي وفاقي وزيرن جي ناڪامين تان پردو کڻي سندس غلط عملن کي وائکو ڪري پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ پ پ لاءِ محبت وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ طرف سنڌ جي عوام وزيراعظم تي ڪاوڙيل آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي باصلاحيت باڪردار عوام ۾ هيرو بڻيل وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي هربا استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي حقن تي ڌاڙن جي ڀرمار ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي ڏاڍ سان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش واري عمل ۾ نه صرف سنڌ جي باشعور عوام هڪ آواز ٿي وفاق آڏو ديوار بڻيل آهي ۽ سنڌ جو شعور اڃان سودو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هر روز سنڌ جي حلالي پٽن جا احتجاج ۽ اندورني سنڌ ۾ به سنڌي عوام جي آواز وفاق جي سنڌ دشمن پاليسن کي رد ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ٿوري گهڻي جيڪا سياست ڪري رهي هئي ان کان به سندس پنهنجا پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ته ناراض ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌ سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندن به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٻيٽن واري اشوز تي وفاق جي پاليسي خلاف آهن، پر ان باوجود به سنڌ اسيمبلي ۾ اوٻاوڙو تعلقي مان ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ ايم پي اي سنڌ جي حلالي پٽ ارڏي سردار شهريار خان شر ٻيٽن واري اشوز تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائي سندس سنڌ ڌرتي جي سچي ۽ وفادار پٽ هجڻ جو ثبوت ڏئي جيڪا سنڌ جي شعور ۾ عزت ماڻي آهي ان جو مثال نٿو ملي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جا ٻيا به اڳواڻ جيڪي سنڌ سان واسطو رکن ٿا انهن پنهنجي مرڪزي اڳواڻن ذريعي وزيراعظم عمران خان تائين سنڌ جي عوام ۽ سندس سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ٿوري گهڻي سياست کي به ڪاپاري ڌڪ رسڻ جون رپورٽون ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم پاران سنڌ جي پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندن ۽ پي ٽي آءِ جي سرگرم اڳواڻن جون ناراضگيون ۽ سندن خدشا ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ وفاقي وفد کي ٽاسڪ ڏئي سنڌ جي دوري تي موڪلڻ واري پروگرام تحت وفاقي وفد جي اڳواڻ وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي پهرئين ضلعي گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ سنڌ جي حلالي پٽ ارڏي سردار شهريار خان شر وٽ پهتو جتي ون ٽو ون بند ڪمري ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهريار خان شر ڪيترائي خدشا ۽ وفاقي حڪومت مان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب وفاقي وزير اسد عمر ايم پي اي سردار شهريار خان شر کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا ضلعي گهوٽڪي توڙي اوٻاوڙو تعلقي لاءِ وفاق طرفان هڪ اسڪيم به نه ڏيڻ ۽ ڪوبه ظاهري طور عوام دوست اسڪيم توڙي خالي اعلان به نه ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزير پاڻ اعتراف ڪيو ته ضلعي گهوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ناهي ڏنو ويو، ان باوجود به وفاقي وزير ضلعي گهوٽڪي جي عوام لاءِ ڪوبه خوشخبري جهڙو اعلان نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري سردار شهريار خان شر جي انتهائي ويجهو رهندڙ سياسي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سردار شهريار خان شر سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي ٻيٽن تان سنڌ جي مالڪي واري بيان تي اٽل بيٺل آهي ۽ وفاقي وزير آڏو پنهنجو اثرائتو موقف اختيار ڪري ڪيترائي مسئلا ۽ مشڪلاتون آڏو رکڻ باوجود وفاقي وزير رڳو خدشا ختم ڪرڻ جا ٺلها آسرا ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڏئي سگهيو ۽ نه ئي ضلعي گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ ڪنهن سياسي سردار، پير، مير يا ڀوتار وڏيرو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان سلسلي ۾ اوٻاوڙو سميت ضلعي گهوٽڪي ۾ سياسي نجي ڪچهرين توڙي سوشل ميڊيا تي وفاقي وزير اسد عمر جي دوري کي ناڪام قرار ڏئي اڪثريت ماڻڻ جا اهي تاثرات آهن ته پي ٽي آءِ جي سنڌ مان تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ۽ وفاقي وزير سنڌ جي پهرئين ضلعي گهوٽڪي مان جيڪا شروعات ناڪامي سان ڪئي آهي ان کي سنڌ جي باشعور عوام مان ڪٿي به موٽ نه ملندي ۽ سنڌ جو ڪوبه سياستدان جيڪو پي ٽي آءِ جو هجي يا سندس واسطيداري وارو رشتو رکندڙ هر ماڻهو سنڌ جي عوام جي رد عمل مان چڱي ريت واقف آهي ۽ هن وقت سنڌ جو شعور پي ٽي آءِ جي سياست ۽ وزيراعظم جي پاليسن مان تنگ ٿي ان کي سياسي ناڪام وزيراعظم قرار ڏنو پيو وڃي ۽ سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ رڪارڊ اضافي سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت خلاف بنا جواز غير قانوني فنڊ بند ڪري ۽ غير قانوني ڪٽوتين ۽ سنڌ جي اهل باصلاحيت وزيراعليٰ کي ناڪام ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي سازشن ويتر سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام اڃان وڌيڪ سپورٽ ڪري پ پ چيئرمين جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي مالڪي جي سلسلي ۾ سنڌ جي عوام جو وڏو انگ بلاول ڀٽو سان بيٺل آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ بلاول ڀٽو جي عوام دوست پاليسن جي ڪري سنڌ ۾ اڪثريت پيپلز پارٽي جي آهي ۽ وفاق پاران بلدياتي اليڪشن توڙي عام چونڊن ۾ ڪيترائي هربا استعمال ڪري عوام کي پيپلز پارٽي کان پري رکڻ وفاق لاءِ انتهائي وڏو مسئلو ۽ چئلينج بڻيل آهي.