ليکڪ: معصوم سنديلو
پاڙيسري ملڪ ڀارت جي رياست مديحا پرديش ۾ بي جي پي جي پاڻ کان ئي رٺل سرڪار پيار خلاف قانونسازي ڪري اڻچيو اعتراف ڪري ورتو آهي ته مسلمان ڇوڪرا پيار ايترو طاقتور ڪن ٿا جو سندن سٽ ۾ عقيدي جو بت ڀڄي پوي ٿو، ڏٺو وڃي ته پيار ته ايترو ئي طاقتور جذبو آهي، جيڪو عقيدي جا لوڙها لتاڙيندي دير نٿو ڪري، تنهن ڪري اسان ته ان آڏو ادب سان ڪنڌ جهڪائي بيٺا آهيون پر سوال اهو آهي ته آخر هي ڪٽر ذهنيت جا فتنا ڪڏهن ختم ٿيندا، ڀارت سرڪار هندو ڇوڪرين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادي روڪڻ لاءِ ”لو جهاد“ نالي هڪ بل منظور ڪري رياستي گورنر ڏانهن حتمي منظوري لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن تي وڏو ٻڙڌڪ متو پيو آهي، انساني حقن جي تنظيمن خاص ڪري عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمن ان کي نه رڳو عورت پر سمورن پيار ڪرڻ وارن جي حق تي ڌاڙو قرار ڏيندي ان ڪاري قانون کي فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته پيار کي عقيدن جي لحاف ۾ ويڙهي ڪنهن مچ تي سيڪي مڃائي مُڃ نه ٿو ڪري سگهجي، هي انسانيت جو واحد اهڙو جذبو آهي، جنهن جي آڏو هر طرح جون رنڊڪون ڪک پن آهن. ننڍي کنڊ جي ترقي پذير هجڻ جو هڪ سبب انتهائن ۾ جڪڙيل سماج به آهي، جيڪو هر پاسي انتهائن تائين لهڻ ۾ دير نه ٿو ڪري ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مسئلا ۽ اشوز انهن سياسين ۽ شڪارين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا، جيڪي ڊگهي عرصي کان ڇڪتاڻ جو ئي کٽيو کائي رهيا آهن، جنهن انتها ۾ اسان جو سماج غرق آهي، تنهن کان ته اسين روزاني بنيادن تي واقف آهيون پر ساڳيو ئي رنگ پاڙيسري مخالف ملڪ هندستان جي مختلف رياستن ۾ بي جي پي جي شڪل ۾ رچيل آهي، جيڪا اسلام دشمن سوچ تي سر فهرست ڪارفرما آهي پر انهي سوچ ۾ هو هاڻي ته اهڙو ڦاسي پيا آهن جو سڄي دنيا کين ملامت مان گذاري رهي آهي. بي جي پي جي حڪومت واري هڪ رياست مڌيا پرديش ۾ ”لو جهاد“ جي اصطلاح کي هٿي ملي رهي آهي، جنهن جا پڙاڏا آسام ۽ ڪرناٽڪا سميت ڪجهه ٻين هنڌن تي به ٻڌجي رهيا آهن، اتي هندو نارين جي مذهب مٽائي مسلمان ڇوڪرن سان شادين کي روڪڻ لاءِ ”لو جهاد“ جي اصطلاح جي آبياري ڪري تازو ان کي قانوني رنگ مان گذاريو ويو آهي ۽ هاڻي اهو بل گورنر جي صحيح لاءِ تيار پيو آهي، جنهن تي گورنر صحيح ڪري ان کي لاڳو قانون بڻائي ڇڏيندو، انهي بل ۾ مذهب جي نالي تي ورغلائڻ ۽ شاديءَ لاءِ خاص طور مذهب مٽائڻ تي سختي سان بندش وڌي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي ڳڻتي آهي ته ان سان عورت جي آزادي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته عورت جي پيار واري سلسلي سان رياست جو ڪو به تعلق نه آهي، نئين قانونسازي تحت اهڙن پسند جي پرڻن ۾ ملوث مسلمان ڇوڪرن تي ڏهه سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي، پڪ سان هي فيصلو عورت جي آزادي تي سڌو وار آهي ۽ اها ڪٽر ذهنيت اسلام جي آفاقي سچائي هجڻ واري پيغام کي نه ٿي سمجهي ۽ ان جو ٺٺول سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ”لو جهاد“ جو اصطلاح ڪتب آڻي رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته اسلام ايترين ته خوبين جو مجموعو آهي، جنهن کي پڙهيو لکيو طبقو به مولوي جي ڪردار واري تناظر ۾ ڏسي ان جي آفاقيت ۽ خوبين سان پُر هجڻ جي ناشڪري ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هُتي ڀارت ۾ ڪٽر ذهنيت بي جي پي وٽ ته رک رکاءُ کانسواءِ اسلام ويري ايجنڊا آهي، جنهن تي هو ڊگهي عرصي کان ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه هنڌن تي ته قانوني مسودا به حتمي شڪلين مان گذري رهيا آهن پر اها منافقت ۽ ٻٽي ذهنيت مسلمانن جو نالو چٽو کڻڻ يا پابندي کي ان سان مخصوص ڪرڻ واري”هيش ٽيگ“ کان بچڻ لاءِ ”لو جهاد“ جو اصطلاح ڪتب آڻي رهي آهي، جنهن جو ٻين لفظن ۾ مطلب اهو آهي ته هاڻي ڀارت جي معاشري جنهن کي اسان وارا ڪاوڙيل لبرل ۽ سيڪيولر ڪوٺيندا آهن، اتي هندو نارين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادين تي پابندي آهي پر جيڪڏهن مسلمان ڇوڪري هندو ڇوڪر سان شادي ڪري ته ”لو جهاد“ وارو قانون ان جو ڪجهه به نه ٿو بگاڙي ته اهو تضاد آهي انهي قانون ۾ پر شڪر آهي ته اهو قانون هنن آڻي پنهنجي ذهنيت جي ڪٽر هجڻ جي پاڻ ئي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي دنيا کين پيار وارن جذبن ۽ عورت جي آزادي واري حق تي ڌاڙو هڻندڙ ڪٽر ذهنيت جي نالي سان بنا اعتراض سڃاڻڻ لڳندي. اسين سمجهون ٿا ته پيار کي عقيدن ۽ وٿين وارين سرحدن ۾ قيد نه ٿو رکي سگهجي، اهو ته هوا جو جهوٽو آهي، جنهن طرف گهُليو، اتي نظريا ۽ عقيدا ڪک پن ٿي ويندا آهن، تنهنڪري قانونسازين جا سنگهر انهي اڏام کي نه ٿا روڪي سگهن، اسان جو اهو به ايمان آهي ته انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ زندگي جي ڪهڙي به مرحلي تي ڪهڙي به راءِ يا عقيدو اختيار ڪري سگهي ٿو، ان جو جوابده هو مقامي معاشري يا حڪام جو ڇو هجي؟، انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ مذهب سميت ذاتي پسند ناپسند ۽ زندگي گذارڻ جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڪا به رياست ڪنهن شهري کان ڪنهن به نالي يا قانون ۾ نه ٿي کسي سگهي ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪو ڪري رهيو آهي ته پڪ سان کين ندامت، شرمندگي، رسوائي ۽ تنقيد مان گذري پير پوئتي ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته اسان جو اهو به ايمان آهي ته اسلام اهڙي پرڪشش عقيدي جو نالو آهي ۽ ان جي سچائي ان کي سڀ ۾ ممتاز ڪري ٿي ته هتي عورت مرد ۽ گوري ڪاري توڙي عرب عجم جي فرق کانسواءِ هر ڪو هڪجهڙو آهي، ها توهان اسان ۾ فضليت ان جي آهي جيڪو پرهيزگار آهي، پرهيزگاري هڪ سٺو گُڻ آهي، جنهن کي جيڪو به اختيار ڪري ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو باقي عقيدن جي رنڊڪن سان دلين جي ميلاپ کي زخمي ڪرڻ وارن نظرين کي اسين نه ٿا مڃون ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته انهن کي عقلي بنيادن تي رد ڪرڻ جو ڪو بندوبست ڪن ۽ ان لاءِ پنهنجي حامين کي به سڏي وٺن جي سچا آهن ۽ پوءِ جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهن ۽ يقينن نه ڪري سگهندا ته پوءِ کين اکيون دل ۽ دماغ کليل رکي آفاقي حقيقتن ۽ پيغام کي پروڙڻ گهرجي ۽ ان کي سمجهي زندگي ۾ رنگ ڀرڻ گهرجن، هي انتهائون ته انتهائي خراب آهن ته هڪڙي پاسي غير اهم معاملن کي ڄٽڪي انداز ۾ اڀاري دين کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي هڪ صديءَ کان هڪ ٻي ذهنيت جنهن جي سرپرستي وياجي نظام ڪري رهيو آهي، جيڪو يقيني طور تي کيس باطل قرار ڏيندڙ اسلام کي پسند نه ٿو ڪري، اُهو مخالفت ڪندو پر انتهائن کي ڇهڻ بدران اعتدال سان ئي مثالي معاشرا اڏي سگهبا آهن، جن جي آبياري ننڍي کنڊ ۾ ته هڪ منظم سوچ سبب نه پئي ٿئي، دعاگو آهيون ته اسان جي حال تي ڌڻي کي رحم اچي ۽ راڻو راضي ٿي پوي باقي اسان جا حال ٻنهي پاسي پورا لڳا پيا آهن.