263

اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي جنهن ڪڏهن به جمهوري جدوجهد ناهي ڪئي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي جنهن ڪڏهن به جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي تازي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ڪورونا جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪووڊ 19 جي دوران پاڪستان ۾ اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي جنهن ڪڏهن به جمهوري جدوجهد ناهي ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي سياسي قيادت عام شهرين کي درپيش مشڪلاتن کي سمجهڻ کان قاصر آهي، هن عام شهرين جي بهتري جي لاءِ ڪڏهن به سٺو ڪم ۾ حصو ناهي ورتو، پنهنجي خاندانن جي لاءِ ڦرلٽ ڪيل دولت کي گڏ ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اسان عوام جي روزگار کي بحال رکڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ته ليڊرن مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪيو، سندن احتجاجن جو مقصد اين آر او حاصل ڪرڻ آهي پر اهي اين آر او حاصل ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو