ايڊيٽوريل
ملتان ۾ سڀاڻي مخالف ڌر طرفان جلسو رٿيو ويو آهي، پ پ جي 57هين يوم تاسيس جي حوالي سان رٿيل جلسي ۾ پي ڊي ايم اتحاد جا سمورا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز، مولانا فضل الرحمان سميت ٻيا مک اڳواڻ پهچندا، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد پيپلز پارٽي طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي جلسي ۾ شريڪ ٿيندو. جلسي جي حوالي سان مخالف ڌر پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. هوڏانهن حڪومت ملتان ۾ قلم 144 لاڳو ڪري جلسي تي مڪمل پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان 2 ڏينهن اڳ جلسي گاهه واري قاسم باغ اسٽيڊيم کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن ۽ ملتان ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستن کي ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم سميت حڪومت جو مؤقف آهي ته ملڪ ۾ هِن وقت ڪورونا جي ٻي لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ مخالف ڌر پاران وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ڪرڻ سان ڪورونا وڌيڪ پکڙجي پئي، حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جو ذميوار مخالف ڌر کي قرار ڏيندي بار بار جلسا نه ڪرڻ جو چئي رهي آهي. ان حوالي سان حڪومت جو مؤقف آهي ته مخالف ڌر پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ عوام جون حياتيون خطري ۾ وجهي رهي آهي، ان ڪري اهڙا جلسا نه ڪيا ويا وڃن ۽ انهن کي ملتوي ڪري ڪورونا تي ڪنٽرول ۾ سهڪار ڪيو وڃي. حڪومت ملتان جلسي لاءِ سخت قدم به کنيا آهن ۽ حوالي سان مک اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪري گرفتارين جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جو مؤقف آهي ته حڪومتي وزير ۽ اڳواڻ پاڻ ريليون ڪڍي جلسا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن حڪومت کي عوام جو ايترو ئي خيال آهي ته پوءِ شهر ڇو کليل آهن؟ ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور ۽ ٻيا وڏا شهر کليا پيا آهن، جتي روزانو لکين ماڻهن جي اچ وڃ ۽ ڪاروبار هلي رهيو آهي، ان جاءِ تي حڪومت کي ايس او پيز ڇو نظر نٿو اچي. مخالف ڌر جلسن تي پابنديءَ کي حڪومت جو سياسي هٿ ڪنڊو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي جلسا ۽ تحريڪ به عوامي مفادن لاءِ آهي، ڇو ته ملڪ ۾ مهانگائي عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ خود حڪومتي ادارن جون اِهي رپورٽون آهن موجوده حڪومت جي اقتداري مدي دوران ملڪ ۾ اٺوڻ کان ڏهوڻ تي مهانگائي وڌي آهي، اسان عام ماڻهن جا مسئلا ئي ايڊريس ڪري رهيا آهيون. مخالف ڌر جو اِهو به مؤقف آهي ته حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پنهنجي مدي ۾ موجوده حڪومت ايترا پرڏيهي قرض ورتا آهن، جيڪي پوين سمورين حڪومتن ناهن ورتا، گردشي قرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته مخالف ڌر ان کان اڳ گجرانوالا، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به جلسا ڪري چڪي آهي ۽ اِهو انهن جو جمهوري حق آهي ته اُهي جلسا ڪن ۽ عوام سان رابطو رکن، پر هِن وقت ڪورونا سبب سڄو ملڪ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ آهي، ان ڪري اسان هتي اِهو چوڻ به حق بجانب آهيون ته قيادتن کي گڏجي ويهي ڪورونا تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان حڪومت جي اِها ذميواري آهي ته اها مخالف ڌر جي قيادت سان رابطي ۾ اچي ۽ ڳالهين لاءِ اعتماد واري فضا جوڙي ته جيئن هِن نازڪ ۽ اهم مرحلي تي ملڪ ۾ قومي اتفاق راءِ پيدا ٿئي ۽ دنيا آڏو اِهو پيغام وڃي ته اسان هِن ڏکي گهڙي ۾ سڀ گڏجي فيصلا ڪري وبا کي منهن ڏئي سگهون ٿا.